ڪراچي (رپورٽر) مٺي سول اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي مبينا خودڪشي واري معاملي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انساني حقن واري کاتي کي فيڪٽ فائينڊنگ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر انساني حقن واري کاتي موجب ٽيم حقيقتن ۽ رڪارڊ گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ٿرپارڪر جي ضلعي عملدارن سميت صحت ۽ پوليس کاتي جي آفيسرن کان به معلومات حاصل ڪئي پئي وڃي، منصفاڻي ۽ شفاففئڪٽ فائنڊنگ رپورٽ تيار ڪئي ويندي، ياد رهي ته مٺي سول اسپتال جي سي ايم او ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جو لاش سندس سرڪاري ڪوارٽر ۾ رهائشگاهه مان ڦاهي لڳل حالت ۾ هٿ آيو هو، پوليس موجب فوتي ڊاڪٽر جي هڪ آڊيو به وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هن ايم ايس سميت 6 ملازمن تي ذهني تشدد ۽ هراسان ڪرڻ جا سنگين الزام لڳايا هئا، مبينا خودڪشي واري ڪيس جي جاچ لاءِ ڊي جي هيلٿ جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
-
عبدالڪريم شيخ ڪيس، ڊاڪٽر موهن لال ۽ ڊاڪٽر هريش جي ضمانت
ميرپورخاص(بيورورپورٽ) مٺي سول اسپتال جي سينئر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ پاران آپگهات ڪرڻ واري واقعي جي داخلٿيل ڪيس ۾ نامزد سول اسپتال مٺي جي ٻن جوابدار ڊاڪٽرن ڊاڪٽر موهن لال کتري ۽ ڊاڪٽر هريش جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص پاران جوابدارن جي 50، 50 هزار روپين جي مچلڪن عيوض 10 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي، واضح رهي ته ڪوڙو الزام لڳڻ بعد ذهني دٻاءِ سبب آپگهات ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي پٽ صادق شيخ جي فرياد تي مٺي جي ٿاڻي تي 17 مارچ تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
-
انساني حقن واري کاتي جي ٽيم جو مٺي جو دورو، ثبوت گڏ ڪيا ويا
ميرپورخاص(بيورورپورٽ) انساني حقن بابت وزير اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار راجوير سنگهه سوڍا جي هدايتن تي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ميرپورخاص معيز حسين ٿيبو جي نگراني ۾ انساني حقن واري کاتي جي هڪ ٽيم مٺي جو دورو ڪيو ته جيئن چيف ميڊيڪل آفيسر سول اسپتال مٺي ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي خودڪشي جي واقعي جي جاچ ڪري سگهجي، ان سلسلي ۾ ٽيم ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-I مٺي، ضلعي صحت آفيسر مٺي ۽ سينئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس سان ملاقات ڪري حقيقتون ۽ رڪارڊ گڏ ڪيا، ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر معيز حسين ٿيبو چيو ته هن معاملي ۾ هڪ منصفانه، غير جانبدار ۽ شفاف حقيقتن تي مشتمل هڪ جامع رپورٽ تيار ڪئي ويندي.
-
اسلام ڪوٽ واقعو انتظامي ناڪامي جو نتيجو آهي:پي ايم اي
ڪراچي اوڀر (ن ع آ) پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن پي ايم اي ٿرپارڪر جي اسلام ڪوٽ ۾ پي پي ايڇ آءِ جي هڪ ڊاڪٽر اران ڪيل خودڪشي جي ڪوشش جي مذمت ڪندي چيو آھي تـ هي سانحو ڪو اتفاقي واقعو ناهي پر انتظامي ناڪامي، اداري جي بي رحمي ۽ انهن ماڻهن سان رياستي سطح تي ٿيندڙ بي وفائي جو تازو ثبوت آهي جيڪي پنهنجي زندگيون ٻين کي بچائڻ لاءِ وقف ڪن ٿا، مٺي ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي المناڪ موت کان وٺي اسلام ڪوٽ ۾ هن تازي واقعي تي سنڌ جي ڌرتي پنهنجي معالجن جي رت سان رڱجي رهي آهي اسان رڳو سوڳ نٿا ڪريون، اسان هن ادارياتي قتلِ عام جي خاتمي جو مطالبو ڪريون ٿا، ڊاڪٽر عبدالغفور شورو پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو تـ تحقيق ڏيکاري ٿي ته پاڪستاني ڊاڪٽر بڻجڻ جو سفر اڪثر بي انعام قربانين سان ڀرپور ڏکيو رستو هوندو آهي ميڊيڪل جو شاگرد سخت تعليمي دٻاءُ مالي مشڪلاتن ۽ گهريلو اميدن جي ٻوجھ هيٺ هوندا آهن، جيڪو اڻسڃاتل ڊپريشن کي جنم ڏئي ٿو ۽ خودڪشين ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿو، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن کي خاص ڪري ليڊي هيلٿ ڪيئر فراهم ڪندڙن سان غير پيشاورانه ۽ توهين آميز ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو جنھن سبب اسان جا ڊاڪٽر مايوسي ۾ مري رهيا آهن، ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي خودڪشي ۽ اسلام ڪوٽ واري واقعي تي اعليٰ سطحي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.
-
ڊاڪٽر ڪريم شيخ جي آپگهات واقعي خلاف مظاهرا، ذميوارن جي گرفتاري جو مطالبو
ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) مٺي جي سرڪاري اسپتال جي ايس ايم او ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي مبينا آپگھات واري واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، نوشهروفيروز، ميرپورخاص، مٺي، اسلام ڪوٽ، جهڏو، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ پي ايم اي جي سڏ تي مظاهرا ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ سول اسپتال نوشهرو فيروز ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊڪل اسٽاف پاران اسپتال آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري کي انچارج ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ ڊاڪٽر بدرالدين ابڙو، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ سھتو، ڊاڪٽر محمد صفر چنا، ڊاڪٽر بلاول خانزادو، ڊاڪٽر ڌرمينڌر ۽ ٻين خطاب ڪيو، سول اسپتال مٺي جي سينئر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاء سول اسپتال ميرپورخاص جي ڊاڪٽرن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري کي خطاب ڪندي سول اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ پير غلام نبي شاهه جيلاني، سرجن ليکراج راٺوڙ، ڊاڪٽر ماجد، ڊاڪٽر سنيل ۽ ٻين چيو ته مٺي اسپتال جي سينئر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ تي ڪوڙو الزام لڳائي کيس ذهني طور مفلوج ڪيو ويو ايتري قدر ذهني ٽارچر جو نشانو بڻايو ويو جو مسيحائي پيشي سان لاڳاپيل هڪ پڙهيل لکيل ۽ سينٽر ڊاڪٽر پنهنجي زندگي کي ختم ڪرڻ تي مجبور ٿيو هنن مطالبو ڪيو ته مٺي اسپتال جي سينئر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، جيڪب آباد ۾ مٺي جي ڊاڪٽر ڪريم شيخ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سول اسپتال ۾ ٽوڪن هڙتال کا نپوءِ ڊاڪٽرن ۽ عملي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي عبدالغفار رند، حسن رضا کوسو، واجد ڀٽو، لياقت ابڙو اياز قريشي ۽ راجا مغيري ڪئي، جهڏو ۾ جسقم پاران مٺي سول اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي خودڪشي واري افسوسناڪ واقعي خلاف پريس ڪلب جهڏو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ جسقم جهڏو جي اڳواڻن ديشي نياز کوسو، عباس کوسو، عرس پتافي، اسلم کوسو سميت ٻين ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سخت نعريبازي ڪئي، اڳواڻن چيو ته سول اسپتال مٺي جي ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ کي هراسمنٽ ڪرڻ بعد مبينا آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪندڙ هينئر تائين قانون جي گرفت کان آزاد آهن جيڪا سراسر ناانصافي آهي، مٺي سول اسپتال جي ڊاڪٽر ڪريم شيخ کي بليڪ ميل ڪري ان کي حراسمنٽ ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو جنهن آپگهات کان پهريان پنهنجي اسٽيٽمنٽ بيان ۾ هراسمنٽ ڪندڙن جا نالا پڌرا ڪيا پر هينئر تائين پوليس انهن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي جيڪا مذمت جوڳو عمل آهي، ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي موت جي زميوارن خلاف اثرائتي قانوني ڪاروائي ڪري انهن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
-
سنڌ ۾ ارڙهن سالن کان انتظامي لاتعلقي وارو رويو برقرار؟
هيوسٽن(شوڪت زرداري)ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي قتل ڪيس مٺي ۾ مافيا راڄ کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي،مٺي ۾ هڪ چونڊيل ايم اين اي ۽ سندس گينگ نه رڳو صحت کاتي تي، پر ٻين شعبن تي پڻ قبضو ڪيو آهي.شروعات ۾ لڳو ته شايد ٻين ضلع وارن ماڻهن کي تنگ ڪيو ويندو آهي، پر جاچ ذريعي اهو معلوم ٿيو ته مقامي ماڻهون به متاثر ٿين ٿا، ۽ سبب اهو آهي ته گينگ ڪرپشن کي فروغ ڏئي رهي آهي.اهو ڪيس ڪنهن هندو يا مسلمان برادري جو معاملو ناهي، پر هڪ ڪرپٽ گينگ، قبضه مافيا ۽ ٺڳ ٽولي طرفان هڪ شريف ڊاڪٽر کي ذهني ۽ جسماني اذيت ڏئي خودڪشي تي مجبور ڪيو ويو.گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحت کاتي ماڻهن کي معطل ڪيو ۽ ڊي جي جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهيو، پر اها ڪافي ناهي. حقيقت ۾ کاتي کي وڌيڪ شفاف ۽ موثر ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ها، پر اهڙي قسم جو قدم صرف سوشل ميڊيا جي دٻاءَ هيٺ ڪيو ويو.سنڌ ۾ ڪو به اهڙو نظام ناهي جو اهڙن واقعن تي فوري ردعمل ڏئي سگهي، ۽ اهو هڪ "انتظامي معاملن ۾ لاتعلقي وارو رويو آهي، جيڪو گذريل 18 سالن کان جاري آهي. ڊاڪٽر پاڻ کي ذهني طور تي ۽ حقيقي طور تي اذيت ۾ محسوس ڪن ٿا، جتي اسٽاف، سيڪشن آفيسر ۽ نرسون پڻ انهن کي تنگ ڪن ٿيون.گذريل 24 ڪلاڪن ۾ جڏهن چونڊيل ايم اين اي جو نالو آيو، سندس گينگ ظاهر ٿيڻ لڳو. هنن پنهنجي پاڻ کي بچائڻ لاءِ مذهبي يا اقليتي ڪارڊ ۾ لڪايو. پر نوجوان ۽ سماج جو حصو، جهڙوڪ حيڊرآباد ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي حق ۾ احتجاج ڪندڙ نوجوان، ان جي مخالفت ڪري رهيا آهن. پوليس يا صحت جا آفيسر قاتلن کي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪن،هي ٽيسٽ ڪيس آهي
-
اسلام ڪوٽ ۾ پاڻ ساڙيندڙ ڊاڪٽر راول ميگهواڙ فوت
اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ پاڻ تي پيٽرول ھاري ساڙيندڙ نوجوان ڊاڪٽر ڪراچي ۾ فوت، نفسياتي بيماري بابت پوليس جو بيان رد،ڊاڪٽر سرڪاري طور صحتياب قرار، اسلام ڪوٽ جي رورل ھيلٿ سينٽر پي پي ايڇ آءِ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ نوجوان 25 ورھين جي ڊاڪٽر راول ميگھواڙ گذريل رات ميھاري بجير روڊ تي پاڻ تي پيٽرول ھاري ساڙي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي ھئي،جنھن بعد انھي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ھو جيڪو اتي زخمن جا تاب نه سھندي زندگي جي جنگ ھارائي ويو آھي،گذريل رات پوليس پاران نوجوان کي نفسياتي ۽ دماغي طور بيمار قرار ڏنو ھو پر خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر راول راءِ ميگهواڙ کي ڪابه نفيسايتي يا دماغي بيماري نه هجڻ جي سرڪاري طور تصديق سامهون اچي وئي آھي، خودڪشي ڪندڙ پي پي ايڇ آءِ اسلام ڪوٽ جي ڊاڪٽر راول راءِ کي زخمي حالت ۾ ريفر ڪرڻ وقت ڊي ايڇ او کي لاڳاپيل تعلقه هيلٿ آفيسر پاران موڪليل رپورٽ سامھون اچي وئي آهي، تعلقي ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ڊي ايڇ او کي موڪليل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته ڊاڪٽر راول ميگهواڙ کي ڪابه دماغي يا نفيساتي بيماري نه هئي ۽ هو بلڪل فٽ ڦاٽ هو، ھوڏانھن ڊاڪٽر راول ميگھواڙ جي وارثن چيو ته اسان ڊاڪٽر جو مڙھ ڪراچي کان ڳوٺ کڻي اچي رھيا آھيون مڙھ دفنائڻ بعد ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪري مسئلو سامھون آڻينداسين،فلحال اسان پاڻ وڏي ڏک ۾ ورتل آھيون ڪجهھ به سمجھ ۾ نٿو اچي ته ھي ڇا ٿي ويو آھي.