ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ليبر ڊپارٽمينٽ ۾ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي گورننگ باڊي جي قيام خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، سرڪاري وڪيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهريو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت چيو ته سکر هاءِ ڪورٽ ورڪرز ويلفيئر ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ جو حڪم ڏنو هو، عدالت پڇاڻو ڪيوته هن انڪوائري جو هن وقت تائين ڇا ٿيو آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اربين رپين جي ڪرپشن جي جاچ جاري آهي، سرڪاري وڪيل چيو ته 8ارب رپين جي ڪرپشن جي جاچ جاري آهي، جسٽس عدنان الڪريم مميڻ چيو ته هي هڪ وڏي رقم آهي، اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي، عدالت چيو ته حڪومت ڪفايت شعاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، عدالت چيو ته پر هتي اربين رپيا ضايع ڪيا پيا وڃن، جمعي تي به عدالتون بند ڪرڻ جو چيو ويو، جتي انصاف پهچائڻو هو، اتي به هڪ ڏينهن گهٽايو ويو، عدالت چيو ته پر هتي اربين رپين جي ڪرپشن ۽ ڦرلٽ آهي، ڪنهن کي به پرواهه ناهي، درخواستگذار مهراڻ فيڊريشن راحب سميجوچيو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ جو ڪم پورهيتن جي ڀلائي لاءِ فيصلا ڪرڻ آهي، درخواست گذارجي وڪيل چيو ته بورڊ ۾ پورهيتن جا نمائندا به شامل ڪرڻا هئا پر پورهيتن جي بدران، بينڪ ملازمن ۽ زرعي ملازمن کي شامل ڪيو ويو، ليبريونين چيو ته ملازمن جي انشورنس لاءِ جاري ڪيل 8 ارب رپين جي رقم غلط استعمال ڪئي وئي آهي.