مذهبي جذبن کي ملڪ ۾ تشدد ڀڙڪائڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي: فيلڊ مارشل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۾ تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ مذهبي جذبن کي ملڪ ۾ تشدد ڀڙڪائڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير راولپنڊي ۾ شيعا عالمن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن قومي سلامتي ۽ بين الصوبائي هم آهنگي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ان موقعي تي فيلڊ مارشل چيو ته اتحاد، رواداري ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ ۾ عالمن جو ڪردار اهم آهي، غلط ڄاڻ ۽ فرقيواراڻي بيانيي جي روڪٿام لاءِ عالم پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
هن چيو ته پاڪستان ۾ تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي، مذهبي جذبن کي ملڪ ۾ تشدد ڀڙڪائڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي.
سيد عاصم منير چيو ته افغان طالبان پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪين، پاڪستان خلاف افغان سرزمين جو استعمال ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو، جتي به دهشتگرد ۽ انهن جا ٺڪاڻا هوندا انهن کي نشانو بڻايو ويندو.
آءِ ايس پي آر موجب عالمن طرفان تشدد جي ڀرپور مذمت ڪئي وئي ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ سيڪيورٽي ادارن جي حمايت جو اعلان به ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.