”پاڪستان وٽ آمريڪا تائين پهچ جي صلاحيت رکندڙ ميزائلن جي موجودگي ٿي سگهي ٿي“

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي نيشنل انٽيليجنس ڊائريڪٽر تلسي گبارڊ چيو آهي ته پاڪستان وٽ امڪاني طور اهڙا ميزائل ٿي سگهن ٿا، جيڪا آمريڪا تائين پهچڻ جي صلاحيت رکندا هجن.
آمريڪي سينيٽ ڪميٽي ۾ ٻڌڻي دوران تلسي گبارڊ چيو ته پاڪستان جي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل پروگرام ۾ امڪاني طور اهڙا بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل شامل ٿي سگهن ٿا، جيڪي آمريڪا تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکندا هجن.
هن چيو ته پاڪستان سميت روس، چين، اتر ڪوريا ۽ ايران اهڙن جديد ميزائلن تي تحقيق ڪري رهيا آهن، جيڪي جوهري ۽ روايتي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکن ٿا ۽ آمريڪا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي سگهن ٿا، اها اڳڀرائي آمريڪا لاءِ سيڪيورٽي چيلينجن ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.