پاڪستان ۾ مهانگائي سٽيل پگهاردار طبقي تي ٽيڪسن جو سڀ کان وڌيڪ بار!

اسلام آباد(مهتاب حيدر+وقار گيلاني)پاڪستان ۾ پگهاردار طبقو (مزدور ۽ وچولي آمدني وارو طبقو) سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته انهن وٽ وڏي سيڙپڪاري يا وڌيڪ نفعو حاصل ڪرڻ جا وسيلا موجود نه آهن.گذريل پنجن سالن (2020 کان 2025 تائين) دوران، پگهار طبقي  جي ٽيڪسن ۾ حصي پتي ۾ چار سئو سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.صرف ريٽيلرز سان مقابلي ۾، پگهاردار طبقي  جي حصو پتي 1300 سيڪڙو وڌي آهي، ۽ پراپرٽي ٽائڪون، ايڪسپورٽرز ۽ هول سيلرز کان  به وڌيڪ اڃا پگهاردار ڪلاس سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏئي رهيو آهي.هن سال جي پهرين اٺ مهينن ۾ پگهاردار طبقو 325 ارب رپيا ٽيڪس طور جمع ڪرائي چڪو آهي. حڪومت جي پاليسين مطابق، ريٽيلرن، هول سيلرن ۽ ايڪسپورٽرن کي رعايتون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته پگهاردار طبقي تي سڀ کان وڌيڪ ڳرو ٽيڪس ۽ ڊيفالٽ سرچارج لاڳو ٿئي ٿو.جنهن سبب پگهاردار شعبو مسلسل قرباني ڏئي رهيو آهي.انهن تي ٽيڪس جو وڏو دٻاءُ مهانگائي ۾ واڌارو پيدا ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجو بنيادي خرچ ۽ ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ محدود وسيلن تي ڀاڙين ٿا. حڪومت ۽ آءِ ايم ايف  پاران ڪنهن به قسم جي رليف يا آسان پاليسي اڃا تائين عمل ۾ ناهي آئي جڏهن ته عوام کي ايندڙ سالن ۾ ٽيڪسن ۽ اضافي خرچن سبب وڏي مهانگائي کي منهن ڏيڻو پوندو،تيل ۽ گئس جي کوٽ  سبب توانائي جي قيمتن ۾ واڌارو ٿيندو، جيڪو هر شعبي تي اثر انداز ٿيندو، خاص طور تي ٽرانسپورٽ ۽ روزمره جي ضرورتن تي،محدود آمدني سبب پگهاردار لڏو وڌندڙ مهانگائي کي برداشت ڪرڻ ۾ وڌيڪ پريشانيون محسوس ڪندو.حڪومت جي ناقص گورننس ۽ آءِ ايم  سان وعدن جو عمل درآمد نه ٿيڻ سبب، عام ماڻهو هڪ ‘قرباني جو ٻڪر  بڻجي رهيو آهي، جتي صرف پگهاردار طبقي تي ڳرا ٽيڪس ۽ اقتصادي دٻاءُ وڌايو پيو وڃي.موجوده صورتحال ۾، پاڪستان لاءِ حل صرف وڌيڪ قرض وٺڻ  ۽ موجود وسيلن جي انتظام ذريعي ممڪن آهي.حڪومت ۽آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٽيڪس ۽ پگهاردار طبقي  کي رليف بابت واضح پاليسي اڃا نه ٺهي آهي، جنهن سبب عوام تي ڳرا ٽيڪس  ۽ مهانگائي جاري رهندي. في الحال ايندڙ مالي سال ۾ عوام، پگهاردار طبقي  ۽ وچولي آمدني وارن کي وڌندڙ ٽيڪس ۽ مهانگائي جي مقابلي لاءِ تيار رهڻو پوندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.