تهران(عوامي آواز نيوز)اسرائيلي فضائي حملي ۾ علي لاريجاني جي شهادت ايران جي سڀ کان تجربيڪار ۽ اثرائتن پاليسي سازن مان هڪ اهم شخصيت کي انتهائي نازڪ وقت تي منظرنامي مان هٽائي ڇڏيو آهي،لاريجاني فوجي ڪمانڊر نه هئا، پر ايران جي اسٽرٽيجڪ پاليسي سازي ۾ سندس ڪردار مرڪزي حيثيت رکندڙ هو،سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ سيڪريٽري طور هو جنگ، سفارتڪاري ۽ قومي سلامتي بابت اهم فيصلن ۾ اهم حيثيت رکندا هوسندس آواز پوري نظام ۾ وزن رکندڙ هئي، خاص ڪري جڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل سان ڇڪتاڻ جي ڳالهه ٿيندي هئي۔ 28 فيبروري تي علي خامنه اي جي شهادت کان پوءِ لاريجاني سخت موقف اختيار ڪيو ۽ واضح ڪيو ته ايران ڊگهي جنگ لاءِ تيار آهي۔ايراني رياستي ميڊيا لاريجاني جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، اهڙي وقت ۾ جڏهن ڪجهه ڏينهن اندر آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ڪيترن ئي اعليٰ ايراني عهديدارن ۽ ڪمانڊرن کي نشانو بڻايو ويو آهي۔لاريجاني جي موت ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته جنگ دوران ايران جي قيادت کي ڪمزور ڪرڻ جي هڪ منظم ڪوشش جاري آهي۔ جيتوڻيڪ مغرب بابت سندن موقف سخت هو، پر ايران اندر کين گهڻو ڪري هڪ حقيقت پسند اڳواڻ طور ڏٺو ويندو هو، جيڪو نظرياتي وفاداري کي عملي حڪمت عملي سان جوڙيندو هو۔پنهنجي وفات وقت هو ٽن وڏن بحرانن کي سنڀالي رهيو هوپهريون: جنگ، جنهن ۾ سندس خيال هو ته ايران کي ڊگهي جدوجهد لاءِ تيار رهڻ گهرجي ۽ تڪرار کي وڌايو وڃي (مثلاً آبنائي هرمز جي بندش)۔ٻيو ملڪ اندر وڌندڙ بيچيني ۽ احتجاج، جيڪي معاشي مسئلن کان شروع ٿي حڪومت خلاف تحريڪ ۾ تبديل ٿيا۔ٽيون ايران جو جوهري پروگرام ۽ واشنگٽن سان رڪيل ڳالهيون۔هاڻي سندس موت سان اهي مسئلا اڻ حل رهجي ويا آهن ۽ ذميواري هڪ نئين، نامعلوم جانشين ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي، جيڪو انتهائي حساس صورتحال کي منهن ڏيندو۔هن صورتحال ۾ ايران اندر طاقت جو توازن وڌيڪ فوج ڏانهن منتقل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي۔ مسعود پزڪشيان جي بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪڏهن اعليٰ قيادت متاثر ٿئي ته به فوج کي وسيع اختيار ڏنا ويا آهن، جنهن سان فيصلا تيزي سان ٿيندا پر مرڪزي هم آهنگي متاثر ٿي سگهي ٿي۔ان کان علاوه قيادت جي جانشيني بابت به غير يقيني صورتحال موجود آهي، جتي مجتبيٰ خامنه اي سميت ڪجهه اهم شخصيتن کي منظرِ عام کان پري رکيو پيو وڃي۔مختصر مدي ۾ ان جا نتيجا وڌيڪ غير مستحڪم حالتن جي صورت ۾ نڪري سگهن ٿا، جنگ ۾ سخت فوجي ردعمل ۽ ملڪ اندر وڌيڪ بيچيني ٿي سگهي ٿي،۔ عامر حطامي به “فيصلائتي” جوابي ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني آهي۔آخرڪار، علي لاريجاني جي موت صرف هڪ فرد جي نقصان جو معاملو ناهي، پر اهو ايران جي قيادت جي بحران کي وڌيڪ گهرو ڪري رهيو آهي، جيڪو نه رڳو جنگ جي رخ تي پر پوري رياست جي استحڪام تي به اثرانداز ٿي سگهي ٿو۔