ايران پاران قديم چيني جنرل جي حڪمت عملي تحت آمريڪي-اسرائيلي اڳرائي جو مقابلو

 اسلام آباد(امتياز گل)، ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ انيسين ڏينهن ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ سوال اڀري رهيو آهي ته هن جنگ ۾ هيل تايئن ڪنهن هارايو آهي، ڪير کٽي رهيو آهي، ۽ اصلي فائدو يا نقصان ڪنهن کي ٿيو آهي؟ خاص ڪري ايران جي اعليٰ قيادت جي شھادت—جيئن ته سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ۽ تازو سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني بعد ايران هڪ متحد فوجي قوت طور پنهنجي مزاحمت ظاهر ڪري رهيو آهي يا مختلف صوبي واريون ڪورز بغير مرڪزي قيادت جي اڪيليون هلندڙ آهن.آمريڪا تقريباً 16 ارب ڊالر خرچ ڪري چڪو آهي، تيل جون قيمتون سو ڊالر کان مٿي ويون آهن، ۽ چين هن صورتحال مان سڀ کان وڏو فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. چين ايران کان هٿيار خريد ڪري رهيو آهي، سستو تيل ڏئي رهيو آهي ۽ آبنائي هرمز ۾ تيل بردار جهازن جي انتظام ذريعي پنهنجي اقتصادي ۽ اسٽريٽيجڪ فائدي کي يقيني بڻائي رهيو آهي.هتي چين جي قديم فوجي حڪمت عملي، “دي آرٽ آف وار” جي مشورن کي ياد ڪرڻ ضروري آهي، جيڪا اڍائي هزار سال اڳ لکي وئي هئي. جنرل سنسو جي اصولن موجب طاقتور دشمن سان سڌو مقابلو ڪرڻ بدران، درست نشانو لڳائڻ، حڪمت عملي سان پسپائي ڪرڻ ۽ دشمن کي پنهنجي حالتن ۾ ڦاسائڻ اهم آهي. پسپائي ڪمزوري نه آهي، پر ڊگھي مدي جي بقا لاءِ عقلي عمل آهي.ايران هن وقت آمريڪا ۽ اسرائيل جي فوجي طاقت سان مقابلي لاءِ سست ۽ حڪمت عملي سان پنهنجا وسيلا استعمال ڪري رهيو آهي. آبنائي هرمز جو استعمال، خودڪش بوٽس ۽ مخصوص علائقن ۾ حڪمت عملي جي بچاءَ جون قدمن، سڀ سنسو جي اصولن جي مطابق آهن. مقصد فوري فتح نه، پر دشمن جي وسيلن کي پکيڙڻ ۽ جنگ جي ميدان تي اثر انداز ٿيڻ آهي.ايران جي فوجي حڪمت عملي ۾ اهم عنصر هي آهي ته محدود وسيلن سان آمريڪا ۽ اسرائيل کي سڌو مقابلو ڪرڻ بدران، صبر، حڪمت عملي ۽ فاصلي کان فائدو وٺي پنهنجا مقصد حاصل ڪيا وڃن. پسپائي هڪ سٺي حڪمت عملي آهي، جيڪا جنگ ۾ نقصان کان بچائي ٿي ۽ مستقبل لاءِ لچڪ پيدا ڪري ٿي.ايران جي پرڏيهي وزير  چيو آهي ته ايران تڪڙي جنگ بندي نه ڪندو، پر مڪمل، مستقل جنگ بندي جو خاتمو چاهي ٿو. آمريڪا، اسرائيل ۽ سعودي عرب، قطر ۽ بحرين هن جنگ کي پنهنجي حد تائين مڪمل ڪرڻ چاهين ٿا، پر نيٽو جا ڪيترائي رڪن ملڪ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.