ڪراچي (رپورٽر) دهشت گردي جي خاتمي واري عدالت 7 ڪيسن ۾ عزير بلوچ جي ضمانت جي درخواست ٻيهر رد ڪري ڇڏي، لياري گينگ وار سربراهه عزير بلوچ جي ضمانت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي جيڪا ٻيهر مسترد ڪئي وئي، پوليس موجب عزير بلوچ ۽ ٻين خلاف ڪلاڪوٽ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهن، پوليس ٻڌايو ته سمورا 7 ڪيس سال 2012 ۾ داخل ڪيا ويا هئا، عزير بلوچ ۽ ٻين تي قتل، قتل جي ڪوشش، پوليس مقابلو ۽ ڌماڪيدار مواد رکڻ جا الزام آهن، ان کان اڳ عدالت آگسٽ 2022 ۾ به عزير بلوچ جي ضمانت درخواست رد ڪري چڪي، ڪيسن ۾ نامزد ٻين جوابدارن ۾ امين بليدي، ذاڪِر دادا، زبير بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن.