ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت تعليمي بورڊ ميرپورخاص ۾ ميٽرڪ جي جعلي سرٽيفڪيٽن جي جاري ٿيڻ ۽ امتحاني بي ضابطگين جي سنگين اسڪينڊل تي وڏو قدم کڻندي سخت ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي وزير يونيورسٽيز ۽ تعليمي بورڊز محمد اسماعيل راهو جي هدايت تي بورڊز اينڊ يونيورسٽيز کاتي فوري طور تي اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ملوث آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو جي هدايت تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري کي ٽن ميمبرن واري ڪميٽي جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪميٽي ۾ يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنس ڀٽ شاهه جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو ۽ تعليمي بورڊ شهيد بينظير آباد جي چيئرمين پروفيسر آصف علي ميمڻ کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي. ڪميٽي کي هڪ مهيني اندر مڪمل جاچ ڪري ذميوارن جو تعين ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي جاچ ۽ داخل ڪيل ايف آءِ آر جي بنياد تي بورڊ جي اهم آفيسرن، آئي ٽي مينيجر اعظم خان ۽ سپرنٽنڊنٽ (ايڇ ايس سي سيڪريٽ) محمد شاهد کي فوري طور معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪنٽرولر امتحانات انور عليم خانزاده کي مبينا اسڪينڊل ۾ ملوث هجڻ تي اڳ ئي معطل ڪيو ويو هو. صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو واضح ڪيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ ڪرپشن، جعلسازي ۽ ميرٽ جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته جاچ ڪميٽي کي مڪمل اختيار ڏنا ويا آهن ته جيئن هو نه صرف حقيقتون سامهون آڻي پر نظام ۾ موجود خامين جي نشاندهي ڪري ذميوار عنصرن خلاف سخت قانوني ۽ اداري ڪارروائي کي يقيني بڻائي. وزير يونيورسٽيز محمد اسماعيل راهو چيو ته جيڪڏهن جاچ دوران وڌيڪ آفيسر يا ملازم ملوث مليا ته انهن خلاف به بنا ڪنهن فرق جي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جيئن تعليمي نظام جي ساک بحال ڪري شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي.