سعودي عرب ۾ شوال جو چنڊ نظر نه آيو،افغانستان ۾ اڄ عيد

رياض/ڪابل(م ڊ)سعودي عرب ۾ شوال جو چنڊ نظر نه آيو آهي، جنهن ڪري مملڪت ۾ عيد الفطر جمعي، 20 مارچ تي ٿيندي.سعودي عرب جي سپريم ڪورٽعوام کي اپيل ڪئي ته شوال جو چنڊ ڏسجي.ٻئي پاسي، ابوظهبي ۾ اختيارين چيو آهي ته ماهر، عالم ۽ اختياريون چنڊ جي رويت جو جائزو وٺنديون.ٻئي پاسي افغانستان ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي،افغان ميڊيا مطابق افغانستان جي سپريم ڪورٽ اعلان ڪيو آهي ته اڄ خميس عيدالفطر جو پهريون ڏينهن آهي،

  1. اسرائيل جون اسپتالون زخمين سان ڀرجڻ لڳيون

تل ابيب(عوامي آواز نيوز)اسرائيل جون اسپتالون زخمين سان ڀرجي ويون آهن ۽ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي آهي،اسرائيلي صحت وزارت موجب، روزانو 100 کان وڌيڪ زخمين کي اسپتال آندو وڃي ٿو، جنهن سبب اسپتالن ۾ فوري ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي آهي۔ اختيارين موجب، اسرائيل جي اترين علائقن تي حزب الله  حملا ڪري رهي آهي، ۽ حملي کان اڳ سائرن جي آواز سبب ڀاڄ پئجي وڃي ٿي اسرائيل ۾ سائرن جي آواز ٻڌڻ تي ماڻهو پناهگاهن ڏانهن ڊوڙندا آهن، جنهن دوران ڪيترائي زخمي ٿيا آهن۔اسرائيلي ميڊيا موجب، ملڪ ۾ خاص طور تي مرڪزي اسرائيل ۾ پرسڪون راتون هاڻي ماضي جو حصو بڻجي ويون آهن۔رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته رات جو گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا الارم وڄن ٿا، ملڪ ۾ آفيسون کوليون ويون آهن پر اسڪول بند رهن ٿا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.