بلوچستان مان عورت خودڪش بمبار گرفتار، اهم انڪشاف

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان وڏي تباهي کان بچي ويو، عورت خودڪش بمبار جي گرفتاري سان ڪيترين ئي معصوم جانين کي بچايو ويو، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز کي وڏي ڪاميابي ملي آهي، پابندي مڙهيل دهشت گرد تنظيم بي ايل اي جي عورت خودڪش بمبار کي گرفتار ڪيو ويو، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي صوبائي گهرو وزير ضياءُ لانگو سان گڏ ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته دهشت گرد هڪ معصوم ڇوڪري کي خودڪش حملي لاءِ استعمال ڪري رهيا هئا، لائبا وارو واقعو سڀني جي سامهون آهي، سيڪيورٽي فورسز بلوچستان کي محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هاڻي صوبي جا ماڻهو دهشتگردي کي قبول نٿا ڪن، بلوچ هڪ غيرت مند قوم آهي، پر دهشت گرد تنظيمون بلوچ عورتن جو استحصال ڪري رهيون آهن ۽ بلوچيت جي نالي تي ماڻهن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، وڏي وزير الزام لڳايو ته بشير زيب گروپ ۽ بلوچ لبريشن آرمي عورتن جي عزت کي نقصان پهچايو آهي ۽ بلوچ قوم کي هڪ بي نتيجا جنگ ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، ڪافي عرصي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز کي انساني ڄاڻ (هيومن انٽيليجنس) ملڻ شروع ٿي آهي ۽ عوام پاڻ حساس ڄاڻ حڪومت سان شيئر ڪري رهيو آهي، سرفراز بگٽي واضح ڪيو ته عورتن سان لاڳاپيل معاملا صرف ليڊيز پوليس ذريعي نبيريا ويندا ۽ عورتن جي عزت جو هر صورت ۾ خيال رکيو ويندو،  افغان مهاجرن بابت هن چيو ته انهن کي واپس موڪلڻ رياست جو فيصلو آهي ۽ سندن واپسي عزت سان يقيني بڻائي ويندي، پاڪستان خلاف دهشت گردي ۾ ملوث عنصر افغانستان ۾ موجود آهن ۽ هزار کان وڌيڪ دهشتگردن کي تربيت ڏني وئي آهي، ملڪ جو نظام آئين موجب هلندو ۽ ڳالهيون صرف انهن عنصرن سان ٿينديون جيڪي ڳالهين لاءِ تيار هوندا. جڏهن ته پريس ڪانفرنس ۾ خضدار مان گرفتار ٿيل مبينا خودڪش بمبار لائبا انڪشاف ڪيو ته جولائي ۾ هُن جو رابطو تحريڪ طالبان جي ڪمانڊر ابراهيم سان ٿيو، جنهن هُن کي خودڪش حملي جي لاءِ ذهني طور تي تيار ڪيو، لائبا موجب هُن سان ڪمانڊر دل جان سان ملرايو ويو، جنهن هن کي بي ايل اي ڪمانڊر جي ذريعي بي وايئ سي جي اڳواڻ ڊاڪٽر صبيحه وٽ تربيت جي لاءِ موڪلڻو هو، ناري پڇتاءُ جو اظهار ڪندي چيو ته مان اڳتي اهڙين سرگرمين جو حصو نه بڻجنديس ۽ ٻين ڇوڪرين کي به نصيحت ڪيان ٿي ته ڪنهن به فراڊ ۾ نه اچن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.