آن لائن جوا جي ور چڙهيل چمبڙ جي نوجوان جي خودڪشي

تحرير: ثوبيا کوسو

سنڌ ۾ ٽيڪنالاجي جي تيزي سان واڌ ويجهه انساني زندگي کي جتي آسان بڻايو آهي، اتي ان جي غلط استعمال نوان ۽ انتهائي خطرناڪ مسئلا به پيدا ڪيا آهن. خاص طور تي آن لائن گيمنگ ۽ جوا (آن لائن بيٽنگ) نوجوان نسل لاءِ هڪ اهڙو لڪل زهر بڻجي چڪا آهن، جيڪو آهستي آهستي انهن جي ذهني، معاشي ۽ سماجي زندگي کي تباهه ڪري رهيو آهي، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڪيترائي نوجوان هن ڄار مان نڪري نٿا سگهن ۽ آخرڪار مايوسي جي اهڙي حد تي پهچي وڃن ٿا جتي زندگي تان هٿ کڻڻ جهڙو انتهائي قدم کڻي ويهن ٿا

چمبڙ مان پيش آيل تازو واقعو به هن ئي سلسلي جي هڪ دل ڏاريندڙ ڪڙي آهي، جتي نوجوان دربان رند پنهنجي زندگي جو ڏيئو پاڻ وسائي ڇڏيو، مقامي ذريعن موجب هو ڪجهه وقت کان آن لائن گيمز ۽ ممڪن طور تي جوا جهڙين ايپس ۾ گهڻو مصروف هو، شروعات ۾ شايد اها صرف وندر يا شوق هوندو، پر آهستي آهستي اهو شوق لت ۾ تبديل ٿي ويو، جڏهن نقصان وڌندا ويا، مالي دٻاءُ وڌيو، ۽ ذهني طور برداشت ختم ٿيڻ لڳي، تڏهن هن مايوسي جي حالت ۾ اچي پنهنجي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيو

واقعي کان اڳ سندس رڪارڊ ڪيل وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي اندر جي ڪيفيت، پريشانين ۽ ذهني تڪليفن جو اظهار ڪيو آهي، اها وڊيو ڏسندڙ هر ماڻهو کي لوڏي ڇڏي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ هڪ نوجوان جي ٽٽندڙ اميدن، وڌندڙ دٻاءُ ۽ اڪيلائي جي ڪهاڻي صاف نظر اچي ٿي،اهو منظر صرف هڪ شخص جو درد ناهي، پر ان سڄي نسل جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪا ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال سبب اندران ٽٽي رهي آهي،

گذريل ڪجهه سالن دوران سنڌ جي مختلف علائقن مان اهڙن واقعن ۾ واضح اضافو ڏٺو ويو آهي. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر ۽ ٻين شهرن مان بار بار اهڙيون خبرون سامهون آيون آهن، جتي نوجوان آن لائن گيمنگ يا جوا ۾ وڏي رقم وڃائڻ کان پوءِ ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيا، قرض هيٺ اچي ويا، گهرن ۾ تڪرار وڌيا، ۽ آخرڪار ڪجهه نوجوانن خودڪشي جو رستو اختيار ڪيو، جيتوڻيڪ سرڪاري سطح تي مڪمل انگ اکر موجود ناهن، پر غير سرڪاري رپورٽن، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ معلومات مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي مسئلو هاڻي هڪ خطرناڪ سماجي بحران جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي،آن لائن جوا ۽ گيمنگ جو سڀ کان وڏو خطرو اهو آهي ته اهو هڪ نفسياتي لت بڻجي وڃي ٿو،شروعات ۾ ٿوري رقم لڳائي کٽڻ جو تجربو نوجوانن کي وڌيڪ کيڏڻ تي آماده ڪري ٿو،

 پوءِ آهستي آهستي اهي وڌيڪ رقم لڳائڻ شروع ڪن ٿا، نقصان برداشت ڪن ٿا، ۽ نقصان پورا ڪرڻ جي چڪر ۾ ٻيهر کيڏن ٿا،هي هڪ اهڙو چڪر آهي جيڪو کين مسلسل هيٺ ڌڪيندو رهي ٿو، آخرڪار جڏهن مالي نقصان حد کان وڌي وڃن ٿا ۽ واپسي جو ڪو رستو نظر نٿو اچي تڏهن ذهني دٻاءُ، ڊپريشن ۽ مايوسي انهن کي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏين ٿا،هي مسئلو رڳو فردي سطح جو ناهي، پر سماجي، معاشي ۽ نفسياتي پاسن سان ڳنڍيل هڪ وڏو چئلينج آهي، ڪيترن ئي گهرن ۾ نوجوانن جي اهڙين عادتن سبب معاشي بحران پيدا ٿيو آهي والدين سان تڪرار وڌيا آهن ۽ خاندان ٽٽڻ جي ڪناري تي پهچي ويا آهن. ان سان گڏوگڏ نوجوانن ۾ اڪيلائي، بيچيني ۽ نااميدي جو احساس وڌي رهيو آهي، جيڪو کين وڌيڪ خطرناڪ فيصلا ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو

 حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي ته اهي آن لائن جوا ۽ غيرقانوني گيمنگ ايپس خلاف سخت قدم کڻن، سائبر ڪرائم قانونن کي موثر بڻائن، ۽ اهڙين ايپس کي بند ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. ساڳئي وقت تعليمي ادارن ۾ شعور پيدا ڪرڻ، ميڊيا ذريعي آگاهي مهم هلائڻ ۽ نوجوانن کي هن خطري کان آگاهه ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي والدين لاءِ به هي هڪ اهم ذميواري بڻجي چڪي آهي ته هو پنهنجي ٻارن جي سرگرمين تي نظر رکن، انهن سان کليل گفتگو ڪن، ۽ انهن کي وقت ڏين. صرف موبائل فون ۽ انٽرنيٽ تائين رسائي ڏيڻ ڪافي ناهي، پر انهن جي استعمال تي به نظر رکڻ ضروري آهي. نوجوانن کي مثبت سرگرمين جهڙوڪ راندين، تعليم، ۽ سماجي ڪم ڏانهن راغب ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهيچمبڙ جي دربان رند جي خودڪشي اسان سڀني لاءِ هڪ وڏو سبق آهي اهو واقعو هڪ سوال بڻجي اسان جي سامهون بيٺو آهي ته ڇا اسان پنهنجي نوجوان نسل کي ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال سبب وڃائي رهيا آهيون؟ جيڪڏهن اڄ به اسان هن مسئلي کي سنجيدگي سان نه ورتو، ته سڀاڻي شايد اهڙيون خبرون وڌيڪ عام ٿي وينديون، ۽ هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن گهر جو چراغ هميشه لاءِ وسامي ويندو،هي وقت آهي جاڳڻ جو، سمجهڻ جو ۽ گڏجي قدم کڻڻ جو نه ته دربان رند جهڙيون ڪهاڻيون رڳو خبرون نه رهنديون، پر اسان جي سماج جي تلخ حقيقت بڻجي وينديون۔

گذريل ڪجهه سالن دوران سنڌ جي مختلف علائقن مان اهڙن واقعن ۾ واضح اضافو ڏٺو ويو آهي. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر ۽ ٻين شهرن مان بار بار اهڙيون خبرون سامهون آيون آهن، جتي نوجوان آن لائن گيمنگ يا جوا ۾ وڏي رقم وڃائڻ کان پوءِ ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيا، قرض هيٺ اچي ويا، گهرن ۾ تڪرار وڌيا، ۽ آخرڪار ڪجهه نوجوانن خودڪشي جو رستو اختيار ڪيو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.