جڏهن 9/11 حملن دوران نيويارڪ جي ٽوئن ٽاورز تي جهازن سان حملا ٿيا، جن جو الزام افغانستان ۾ رهندڙ سعودي باغي اسامه بن لادن تي آيو ته آمريڪا پنهنجي اتحادي ملڪن سان گڏ ڪابل تي حملو ڪيو ۽ اهڙي طرح دهشتگردي خلاف جنگ شروع ٿي۔ پاڪستان به هن جنگ جو حصو بڻيو۔ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن کان اربين ڊالر امداد ملي، جنهن جو وڏو فائدو سول ۽ فوجي بيوروڪريسي کي ٿيو ۽ انهن جو ڍانچو وڌيڪ وڏو ٿيندو ويو۔
آئين ۾ ٿيل 18 هين ترميم کانپوءِ قومي مالياتي ايوارڊ جو فارمولو تبديل ٿيو، جنهن سان صوبن جي آمدني ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ٿي۔ ان اضافي رقم مان ڪجهه ترقياتي ڪمن تي خرچ ٿي، جڏهن ته باقي ڪٿي خرچ ٿي ان بابت صوبن جا ترجمان مختلف وضاحتون ڏين ٿا۔ پاڪستان جي معيشت گهڻو ڪري هميشه آءِ سي يو ۾ رهي آهي ۽ عالمي مالي ادارن ۽ دوست ملڪن جي امداد سان ملڪ جي معيشت جو ڦيٿو هلندو رهيو آهي۔
جڏهن به عالمي تڪرار پيدا ٿيندو آهي ته ان جا اثر سڀ کان پهرين پاڪستان تي پوندا آهن۔ آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي حملو ڪيو، جنهن جي جواب ۾ ايران سخت مزاحمت ڪئي۔ ان تڪرار سبب آبنائي هرمز ۾ جهاز راني متاثر ٿي ۽ خليجي ملڪن ۾ تيل جي پيداوار ۾ رڪاوٽ آئي۔ نتيجي ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ لڳيون۔ پاڪستان پيٽرول جي قيمت وڌائي 322 رپيا في ليٽر ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 335.86 رپيا في لٽر ۽ مٽيءَ جي تيل جي قيمت 318.81 رپيا في لٽر مقرر ڪئي وئي۔ ان جي ابتڙ ڀارت ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اهڙي واڌ نه ڪئي وئي۔ اتي مختلف شهرن ۾ پيٽرول تقريباً 103.94 رپيا في لٽر ۽ ڊيزل 90.74 رپيا في لٽر ملي ٿو۔ ساڳيءَ طرح بنگلاديش ۾ ڊيزل تقريباً 100 ٽڪا في ليٽر، پيٽرول 116 ٽڪا في ليٽر ۽ ڪيروسين آئل 112 ٽڪا في ليٽر آهي۔ ڀارت ۽ بنگلاديش جي ڪرنسي پاڪستان جي ڪرنسي کان وڌيڪ مضبوط آهي۔ بنگلاديش پيٽرول جي راشننگ جو فيصلو به ڪيو۔
ڊونلڊ ٽرمپ هر هفتي پاڪستاني قيادت جي تعريف ڪندو رهيو، پر آمريڪا ڀارت کي روس کان تيل خريد ڪرڻ جي خاص اجازت ڏئي ڇڏي۔ بنگلاديش جي نئين وزيراعظم طارق رحمٰن عهدو سنڀالڻ سان ئي اعلان ڪيو ته هو پنهنجي ذاتي ڪار ۾ سفر ڪندو ۽ پنهنجو پروٽوڪول محدود ڪندو۔ حڪومت تي تنقيد ٿي ته جڏهن ملڪ وٽ 28 ڏينهن جو پيٽرول موجود هو ته پوءِ قيمت وڌائڻ جي ايتري جلدي ڇو ڪئي وئي؟ ان سوال جو ڪو واضح جواب نه مليو۔ پر اهي انگ اکر وائرل ٿيا ته پيٽرول جي قيمت ۾ اوچتو 55 رپيا في لٽر واڌ سبب پيٽرول پمپ مالڪن، ڊيلرن ۽ تيل فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي ڪروڙين رپين جو فائدو ٿيو۔ ان سان گڏ سوشل ميڊيا تي مختلف سازشي نظرين جو به چرچو شروع ٿي ويو۔ جيتوڻيڪ انهن نظرين ۾ گهڻي حقيقت نه هئي، پر پيٽرول جي قيمتن جي واڌ سان متاثر ٿيل غريب ماڻهو پنهنجي خراب حالتن سبب انهن ڳالهين تي يقين ڪرڻ لڳا، جنهن سان عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ فاصلو وڌي ويو۔
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن ناڻي واري وزير پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ته حڪومت سرڪاري خرچ گهٽائڻ بابت ڪو خاص اعلان نه ڪيو۔ جڏهن خيبر پختونخوا جي وڏي وزير اعلان ڪيو ته هر رجسٽرڊ موٽرسائيڪل سوار کي 2200 رپيا ڏنا ويندا ته پوءِ وفاق، پنجاب ۽ سنڌ جي حڪومتن به مختلف اعلان ڪيا۔ پاڪستان ۾ پيٽرول جي پيداوار تمام گهٽ آهي ۽ گهڻو پيٽرول درآمد ڪيو ويندو آهي۔ پاڪستان سعودي عرب، خليجي ملڪن ۽ ايران کان تيل خريد ڪندو رهيو آهي۔ بعد ۾ پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ جي ڪوششن سان روس کان به تيل آندو ويو، پر آمريڪا ان تي سخت اعتراض ڪيو۔ نتيجي طور پاڪستان کي پهريون ڀيرو آمريڪا کان تيل خريد ڪرڻو پيو، جنهن سان ٽرانسپورٽ جا خرچ وڌي ويا۔ ڊاڪٽر سعيد عثماني جو چوڻ آهي ته اسان جا حڪمران ۽ وزير هر مهيني 20 کان 25 ڏينهن مختلف ملڪن جا ڪامياب دورا ڪندا رهن ٿا، پر ان باوجود پاڪستان کي ڪٿي به ڪو خاص رليف نٿو ملي۔ وزيراعظم طرفان پيٽرول بچائڻ لاءِ ڪيل اعلان قابلِ تعريف آهن، پر انهن سان عام ماڻهو جو مسئلو حل نٿو ٿئي۔
پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جا گهرا اثر وچولي ۽ هيٺئين وچولي طبقي تي پوندا۔ فاروق ستار جي ڳالهه درست لڳي ٿي ته هن فيصلي سان غربت وڌندي، ماڻهو خودڪشين ڏانهن ڌڪبا ۽ ملڪ ۾ ڏوهن ۾ به واڌ ٿيندي۔ ان مسئلي جو اصل حل رياست جي سڄي نظام جي نئين سر تنظيم ۾ آهي۔ جڏهن حڪمران طبقو پنهنجي ذاتي زندگي ۾ سادگي اختيار ڪندو ته عوام به ان طرف ڌيان ڏيڻ تي مجبور ٿيندو۔