مسرور پيرزادو جي شاعريءَ جي مجموعي ”مجاز“ جو اڀياس

تحرير: ساجد مسڻ

مسرور پيرزادو جي شخصيت جيئن ڏسڻ ۾ سهڻي، سنجيده ۽ نرم مزاج آهي تيئن ئي شاعري  به نرمي، سادگي ۽ احساسن جي خوشبوءَ سان سرشار نظر اچي ٿي. هن جي شاعريءَ ۾ لفظن جي چونڊ ايتري ته سليس ۽ سهڻي آهي جو پڙهندڙ کي بي ساختا پنهنجي اندر جي دنيا سان ڳنڍي ڇڏي ٿي. سندس شاعري صرف خيال نه پر احساسن جي هڪ جيئري تصوير بڻجي سامهون اچي ٿي. مسرور جي شاعريءَ جو سڀ کان وڏو حُسن سندس سادگيءَ ۾ گهرائي آهي. هو ڏک، درد، محبت، اميد ۽ انساني قدرن کي اهڙي نرم لهجي ۾ پيش ڪري ٿو جو هر سٽ دل تي سڌو اثر ڇڏي ٿي. مثال طور:

جنهن ڀي برو ڪيو، مٺا! ڪر سو معاف

سينو رک تون صاف، بدلو وٺ نه ڀائڙا!

هتي شاعر نه رڳو نصيحت ڪري ٿو پر لفظن جي نرمي ۽ لهجي جي مٺاس ذريعي معافي جهڙي اعليٰ انساني قدر کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪري ٿو. اهو ئي سندس شاعريءَ جو اخلاقي ۽ جمالياتي حُسن آهي. ساڳي طرح سندس شاعريءَ ۾ اميد جي روشني هڪ اهم عنصر طور موجود آهي:

ڏک ۾ ڀي سکيو هجي ماڻهو،

نا اميديءِ  ۾  پُراميد  ٿجي!

هنن سٽن ۾ لفظن جي ترتيب ۽ خيال جي سادگي گڏجي هڪ اهڙو فڪري حُسن پيدا ڪن ٿا جيڪو پڙهندڙ جي اندر ۾ همت ۽ حوصلو پيدا ڪري ٿو.

مسرور پيرزادو جي شاعريءَ جو هڪ ٻيو اهم پاسو حقيقت نگاري آهي جنهن ۾ هو سماج جي تلخ سچائين کي بغير ڪنهن مصلحت جي بيان ڪري ٿو:

هي جو  نانيءَ  ويڙھو  آهي،

ان سان منهنجو جهيڙو آهي.

هتي سادن لفظن ۾ وڏي سماجي بيماريءَ کي اجاگر ڪيو ويو آهي جيڪا شاعريءَ جي جرائت ۽ سچائيءَ کي ظاهر ڪري ٿي.  شاعريءَ ۾ داخلي ڪيفيتن جي عڪاسي  به وڏي مهارت سان ملي ٿي. وڇوڙي ۽ ياد جي درد کي هو اهڙي اثرائتي انداز ۾ بيان ڪري ٿو:

هن کي وڇڙيئي ورهيه ٿيا، هاڻي بس ڪر،

منهنجا پيارا لڙڪ تون وهندين ڪيستائين.

هتي لفظ لڙڪ سان مخاطب ٿيڻ، هڪ خوبصورت علامتي انداز آهي جيڪو شاعريءَ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي ٿو. مسرور جي شاعريءَ جو حُسن رڳو فڪر تائين محدود ناهي پر ان ۾ تصويريت  به موجود آهي. مثال طور:

دنيا  ڪڏهن  به  ڪين  سٺو يار!  پاڻ  کي،

ٻاريو ڏيئو جڏهن  به تڏهين ٿي هوا خلاف.

هتي ڏيئو ۽ هوا جي تشبيهون زندگيءَ جي جدوجهد کي اهڙي خوبصورتي سان پيش ڪن ٿيون جو پڙهندڙ جي ذهن ۾ هڪ مڪمل منظر جڙي وڃي ٿو. ساڳئي وقت سندس شاعريءَ ۾ انساني رشتن جي پيچيدگين کي  به وڏي نفاست سان بيان ڪيو ويو آهي:

دشمنن  جهڙي  طرح  مات  ڏني آ مون کي،

تنهن ۾ يارن جو  به سهڪار لڳي ٿو مونکي.

هي سٽون نه صرف تجرباتي سچائيءَ جو اظهار آهن پر انهن ۾ لفظن جي ترتيب ۽ لهجي جي تلخي هڪ الڳ جمالياتي اثر پيدا ڪري ٿي. ماءُ جي محبت جهڙي نازڪ جذبي کي  به شاعر انتهائي لطيف انداز ۾ پيش ڪيو آهي:

وڇوڙي وقت تنهنجو سو مُڙي مون ڏي ڏسڻ هر هر،

نظر  سان  چيو  هو  تو  ڀلا  ڪئن  شعر  ۾  ايندو؟

هي سٽون شاعريءَ جي عروج تي بيٺل محسوس ٿين ٿيون جتي لفظ بي وس ٿي وڃن ٿا ۽ احساس پاڻ ڳالهائڻ لڳن ٿا.

مجموعي طور، مسرور پيرزادو جو ڪتاب مجاز صرف شاعريءَ جو مجموعو ناهي، پر انساني احساسن، سماجي سچائين ۽ جمالياتي اظهار جو حسين سنگم آهي. شاعريءَ ۾ سادگي، سچائي، علامت نگاري، ۽ فڪري گهرائي گڏجي هڪ اهڙو ادبي حُسن پيدا ڪن ٿا جيڪو پڙهندڙ کي گهڻي وقت تائين پنهنجي اثر هيٺ رکندو آهي. هن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي سنڌ جي ناليوارن شاعرن امداد حسيني، تاجل بيوس، انور پيرزادو ۽ هدايت بلوچ جا ريا شامل آهن.  سنڌ جو عوامي ليکڪ ۽ لطيف شناس انور پيرزادو صاحب، شاعر مسرور پيرزادو بابت پنهنجي راءِ  هن طرح سان ڏني آهي، جنهن مان ڪجهه سٽون هتي پيش ڪجن ٿيون.  ”مسرور جو غزل ٻڌي مونکي ائين لڳو ته هاڻي هي ماڻهو ٻوليءَ سان راند ٿو کيڏي، جڏهن ماڻهوءَ کي ٻوليءَ تي گرفت ٿئي ٿي ته پوءِ هو ان سان کيڏڻ لڳي ٿو .“

هي شاعريءَ جو ڪتاب مجاز شاعر پنهنجي پٽ کي ارپيو آهي، جنهن جو نالو به مجاز ئي آهي.  هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان شايع ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 600 روپيا آهي، جيڪو سنڌ جي سڀني ڪتاب گهرن وٽ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.