ميرپورخاص (م ڊ) ميرپورخاص تعليمي بورڊ ۾ هزارين افغان شهرين کي ميٽرڪ جون جعلي سندون جاري ڪرڻ جو وڏو اسڪينڊل سامهون آيو آهي. اي ايس پي قرت العين موجب، انهن جعلي سندن جي بنياد تي افغانين ڊوميسائل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ پڻ ٺهرائيا، جنهن لاءِ في ماڻهو 5 لک رپينتائين رشوت ورتي وئي. پوليس سيڪريٽ برانچ جي انچارج اعظم خان سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن ميڊيا آڏو اعتراف ڪيو آهي ته 2 سرڪاري ۽ 2 نجي اسڪول پڻ هن ڌنڌي ۾ ملوث هئا. جوابدار موجب، سموري معاملي جو مک ڪردار ڪنٽرولر انور عليم هو ۽ پئسن جو حساب ڪتاب به ان وٽ هوندو هو. اينٽي ڪرپشن پاران بورڊ جو رڪارڊ قبضي ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.