ٽن ڏينھن کانپوءِ ’مٺي عيد‘ اچڻ واري آهي، جيڪا روزن جي مھيني رمضان جي پوري ٿيڻ تي هجري سال جي ڏھين مھيني، شوال جي پھرين ڏينھن ملھائي ويندي آهي، جنھن کي ’عيدالفطر‘، ’رمضان وارِي عيد‘ يا ‘روزن وارِي عيد’ به چيو ويندو آهي. مسلمانن جي عقيدي موجب اها عيدَ 29 يا 30 روزن دؤران پالڻھار جي عطا ٿيل خاص رحمتن جي تشڪر طور ملھائي ويندي آهي. ان عيد کانسواءِ ان کان لڳ ڀڳ 70 ڏينھن (ٻه مھينا 10 ڏينھن) بعد، هجري ڪئلينڊر جي آخري مھيني ذي الحج جي 10هين تاريخ تي ايندڙ ٻاڪراسي عيدَ (عيدالاضحيٰ) پڻ مسلمانن جو وڏو مذھبي ڏڻ آهي، جنھن کي ”وڏي عيد“ به چيو ويندو آهي. جنھن ۾ انھن چوپاين جانورن جي قرباني ڪئي ويندي آهي، جن کي اسلام ۾ حلال قرار ڏنو ويو آهي. انھن ٻنھي مذھبي عيدن کانسواءِ مسلمان عقيدي موجب ٻه ٻيون راتيون به مقدس سمجهيون وينديون آهن، جن کي گهڻا مسلمان گهراڻا ننڍين عيدن جو درجو ڏيندا آهن. انھن منجهان هڪ رات ته هجري ڪئلينڊر جي ستين مھيني رجب جي 27 تاريخ آهي، جنھن رات اسلامي تاريخ مطابق، اسلام جو آخري پيغمبر، حضرت محمّد مصطفيٰﷺ آسمانن جي سير لاءِ معراج تي ويو هو. تنھنڪري هن رات کي ”معراج واري رات“ چيو ويندو آهي، جڏھن ته ٻين رات، اسلامي ڪئلينڊر جي اٺين مھيني شعبان جي 15 تاريخ جي رات آهي، جنھن کي بخشش يا ’براءت‘ واري رات چيو ويندو آهي. مسلمانن جي عقيدي موجب ان رات، الله پاڪ بندن جي بخشش جو خاص اهتمام ڪندو آهي ۽ ان رات ايندڙ پوري سال جي تقدير لکي ويندي آهي. اسلامي عقيدي پٽاندر متبرڪ راتين ۾ رمضان جي مھيني جي 27 رات کي به خاص اھميت حاصل آهي، جنھن رات قرآن پاڪ نازل ٿيو. انھن ٽنھي راتين دؤران مسلمان خاص عبادتن جو اھتمام ڪندا آهن. جڏھن ته اسلام جي پيغمبر حضرت محمّد مصطفيٰﷺ جي ولادت واري ڏينھن 12 ربيع الاوّل کي به مسلمانَ، مذھبي جوش ۽ جذبي سان عيد وانگر ملهائيندا آهن.
اسلام جي انھن خاص عيدن ۽ تھوارن جي باري ۾ ته پڙھندڙن جي وڏي انگ کي خبر آهي، پر اچو ته هن خطي جي ٻين مُک عقيدن ۾ ملهائجندڙ عيدن ۽ تھوارن جو مختصر ذڪر ڪريون. ان حقيقت بابت آءٌ اڳ ۾ به لکي چڪو آهيان ته هندو ڌرم جا ٻه وڏا جشنَ يا تھوارَ ’هولي‘ ۽ ’ڏيارِي‘ اصل ۾ مذھبي نه پر سماجي تھوار آهن، جيڪي سنڌو ماٿر جا اصلوڪا ۽ آڳاٽا لوڪَ ٻن موسمن جي پوک پچي راس ٿيڻ تي ملهائيندا هئا. انھن مان ’هولي‘ ــ رنگن جو جشن جڏھن ته ’ڏيارِي‘ يا ’ديوالي‘ ــ روشنين جو جشن آهي. پر هاڻي اهي ٻئي جشن مڪمل طور تي هندُومت جا تھوارَ بڻجي چُڪا آهن. مزي جي ڳالهه اها آهي ته ڏياري رڳو هندو نه ٿا ملهائن، پر سِکَ ۽ جينَ به ملھائين ٿا، جيڪو خود هن جشن جي ’سماجي‘ هجڻ جو وڏو دليل آهي، ته ان جشن کي مذھبن جي ظھور يا شعور کان اڳ ملهايو وڃڻ شروع ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ان جشن کي مختلف مذھبن پنھنجايو. رنگن جو جشن ــ هولي (جيڪو تازو ويجهڙ ۾ گذريو آهي) ربيع جي فصل لھڻ تي، جڏھن ته سوجهرَن جو تھوار ــ ’ڏيارِي‘ خريف جي پوک لھڻ تي گُنديون ڀرجڻ جي خوشيءَ ۾ ملهايو ويندو آهي. هندومت جي ٻين تھوارن ۾ ’نَو راتڙي‘ (9 راتين جو جشن)، ’دُسَھِرو‘، ’گڻيش چترٿي‘، ’جنم اشٺمي‘، ’مڪر سنڪرانتي‘، ’ٿڌڙِي‘، ’اونم‘ ۽ ’شِوراتڙي‘ (ڀڳوان شِوَ سان منسُوب تھوار) وغيره شامل آهن.
دنيا ۾ هن وقت وڏي ۾ وڏو مذھب عيسائيت آهي، جنھن کي دنيا جا لڳ ڀڳ 29 کان 31 سيڪڙو ماڻھو مڃن ٿا. ان کانپوءِ وڌ ۾ وڌ پوئلڳ اسلام جا آهن. دنيا جا 23 کان 25 فيصد ماڻهو اسلام تي ايمان رکن ٿا. ٽئين نمبر تي دنيا جو لڳ ڀڳ 15 سيڪڙو آدم، هندومت تي ويساھه رکي ٿو. جڏھن ته چوٿين نمبر تي 4 کان 7 سيڪڙو ماڻهو ٻوڌِي آهن. جڏھن ته دنيا جي يھودي آدم ڳڻپ ڏيڍ ڪروڙ کن آهي، جيڪا دنيا جي ڪل آدم جو 0.2 سيڪڙو آهي. دنيا ۾ اڄ زرتشت (باهه جا پُوڄيندڙ) لڳ ڀڳ هڪ لک 20 هزار (دنيا جي ڪل آدم ڳڻپ جو 0.002 سيڪڙو) آهن. پر اهو به ياد رکڻ ضروري آهي ته هن وقت دنيا جا 15 سيڪڙو ماڻهو بنا ڪنھن مذھبي وابستگيءَ جي به دنيا ۾ موجود آهن، جيڪي ڪنھن به معبود جي موجودگيءَ کي نٿا مڃن. اوھان انھن کي سيڪيُولر چئو يا دھريو، پر دنيا جي آدمشماريءَ جو هڪ وڏو انگ (15 سيڪڙو) انھن جو به آهي. اهو به ياد رھي ته دنيا ۾ اسين ڀلي چند مک مذھبن کي سُڃاڻيندا هجون، پر اڄ به سڄيءَ دنيا ۾ 4300 کان مٿي مذھبَ موجود آهن، جن مان اڪثر مذھبن جا مڃڻ وارا ننڍن ننڍن گروھن جي صورت ۾ گهٽ گهٽ تعداد ۾ موجود آهن.
ڳالهه ڪريون دنيا جي آدمشماريءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏي مذھب عيسائيت جي، ته ان جا ٻه مُک تھوارَ ’ايسٽر‘ ۽ ’ڪرسمس‘ آهن. جيئن ابراھيمي مذھبن جا کوڙ سارا تھوارَ ۽ عبادتون هڪجھڙيون آهن، تيئن عيسائين جو اِيسٽر به هُوبھو مسلمانن جي مِٺي عيد يا عيدالفطر جھڙو آهي. جنھن کان اڳ مسلمانن وانگر عيسائي به 40 روزن جو مھينو گذاريندا آهن، جنھن عرصي کي ’لينٽ‘ يا ’لينٽن‘ چيو ويندو آهي. 40 ڏينھن جي ان روزن واري مھيني (کان مٿي واري مُدي) ۾ اهي روزي دارَ مخصوص شيون کائڻ کان پرھيز ڪندا آهن، جڏھن ته ڪي شيون کائڻ جي کين اجازت هوندي آهي. هي روزا هڪ مخصوص اربع کان شروع ٿيندا آهن، جنھن کي ’ائش وينسڊي‘ چيو ويندو آهي، جڏھن ته ’ايسٽر‘ جي عيد لازماً آچر تي ئي ٿيندي آهي. ان ’لينٽن‘ جي چاليھي جُون هر سال جون ڪي طئي شده تاريخون ناھن هونديون، پر اهو عام طور تي فيبروري ۽ اپريل جي وچ ۾ ايندو آهي. پاڪستان ۾، ’لينٽن‘ جو چاليھو عام طور تي فيبروريءَ جي آخر يا مارچ جي شروعات ۾ شروع ٿيندو آهي. هن سال اهو مُدو 18 فيبروريءَ تي شروع ٿيو آهي ۽ 4 اپريل تي ختم ٿيندو. جڏھن ته آچر 5 اپريل تي ’اِيسٽر‘ جي عيد ٿيندي. مطلب ته هن سال مسلمانن ۽ عيسائين جا روزا گڏ گڏ ھليا. اها ڳالهه ته عام ماڻهن جي علم ۾ آهي ته عيسائي عقيدي موجب آچر، هفتي جو مبارڪ ڏينھن سمجهيو ويندو آهي. جيئن مسلمان عقيدي موجب جمعي جي نماز پڙھڻ لاءِ اهي مسلمان به مسجدن ۾ ويندا آهن، جيڪي عملي طور عبادتگذار ناھن هوندا، تيئن عيسائين جي اڪثريت پڻ آچر تي گرجاگهر ضرور وڃي عبادت ڪندي آهي. انڪري ’ايسٽر‘ به آچر تي ايندو آهي ۽ ان کان اڳ اچڻ وارو ’لينٽ‘ جو آخري آچر ’پام سنڊي‘ طور ملھايو ويندو آهي، جنھن جي اهميت عيسائي عقيدي موجب عام آچرن کان وڌيڪ هوندي آهي. اهو هُوبھو اسلام ۾ رمضان جي ’جمعة الوداع‘ (آخري جمعي) وانگر آهي. جڏھن ته اِيسٽر کان ٻه ڏينھن اڳ وارو جمعو ’گُڊ فرائيڊي‘ طور ملھايو ويندو آهي، جيڪو هن سال 3 اپريل تي ايندو. عيسائي عقيدي موجب ’گُڊ فرائيڊي‘، حضرت عيسيٰ عه جي صليب تي چاڙھيو وڃڻ جو ڏينھن آهي، جيڪو سندس زمين تان کڄي وڃڻ جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي. اِيسٽر مجموعي طور حضرت عيسيٰ عه جي صليب تي چڙھڻ باوجود جيئري ٿيڻ جي ڏينھن طور ملھايو ويندو آهي. عيسائيت جو ٻيون وڏو جشن ’ڪرسمس‘ آهي، جيڪو حضرت عيسيٰ عه جي ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ ملهايو ويندو آهي. ڪي عيسائي ان کي 7 جنوريءَ تي به ملهائيندا آهن. (جيتوڻيڪ انجيل موجب حضرت عيسيٰ عه جو جنم گرمين جي موسم ۾ ٿيو هو.) عيسائي ۽ يھودي ملڪن ۾ ڪرسمس کان نئين سال جي آمد وارو پورو هفتو بلڪه ڏهو عام موڪل هوندي آهي.
ان کانسواءِ عيسائيت جي خاص تھوارن ۾ اِيسٽر کان 40 ڏينھن پوءِ ملهايو ويندڙ ’اسينشن ڊي‘، اِيسٽر کان 50 ڏينھن پوءِ ملهائجندڙ ’پينٽيڪوسٽ‘ (جيڪو عقيدو رکندڙن جي عقيدي موجب رسولن تي حضرت عيسيٰ عه جي روح جي نزول جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي)، هر سال 6 جنوريءَ تي ملهائجندڙ ــ ’ايپيفيني‘ ۽ هر سال پھرين نومبر تي ملهائجندڙ ’آل سينٽس ڊي‘ شامل آهن.
يھودين جي مک مذھبي عيدُن ۾ ’شَبت‘ يا ’سَبت‘ (هر جمعي ڏينھن سج لھڻ کان ڇنڇر جي سج لھڻ تائين هفتيوار آرام جو ڏينھن)، ’روش هشنا‘ (يھودين جي نئين سال جي آغاز تي توبھه ڪرڻ ۽ رام جو سِڱ وڄائڻ جو ڏينھن)، ’يومِ ڪپور‘ / ’يومِ ڪفاره‘ (ڪفاري ادا ڪرڻ جو ڏينھن، يھودي عقيدي موجب سال جو سڀ کان پاڪ ڏينھن، روزي، دعا ۽ توبھه تائب ٿيڻ جو ڏينھن)، ’پاس اوور‘ / ’پيساچ‘ (مصر ۾ يھودين جي غلاميءَ کان آزاديءَ جي ياد ۾ ملهائجندڙ 8 ڏينھن جو جشن)، ’شووت‘ (حضرت موسيٰ عه مٿان طورِ سينا تي تورات نازل ٿيڻ جو جشن)، ’سکڪوٽ‘ (خيمن جو ميلو)، ’حنوڪا‘ (روشنين جي عيدَ) ۽ ’پوريم‘ (يھُودين جي فارس ۾ تباهه ڪَرڻ جي سازش کان بچي وڃڻ جي خوشيءَ ۾ ملهائجندڙ تھوار) شامل آهن.
سِکن جي مُک مذھبي تھوارن ۾ هر سال اپريل ۾ ملهائجندڙ ’ويساکي ميلو‘ (جيڪو پڻ سنڌو ماٿر جو آڳاٽو سماجي جشن آهي، پر هاڻي ان کي سِک مَت پنھنجو ڌرمي تھوار بڻائي ڇڏيو آهي)، مارچ ۾ هوليءَ کانپوءِ ملهائجندڙ ’هولا مھلا‘، ’گرُو پُورب‘ (بابا گرُو نانڪ ۽ گرُو گوبند سنگهه جو جنم ڏينھن)، ’بندي ڇوڙ ديوس‘ (ڏياريءَ سان گڏ ملهايو ويندڙ ڏينھن) ۽ ’شھدي ديوس‘ (گرُو ارجن ديو، گرُو تيغ بھادر ۽ گرُو گوبند سنگهه جي پٽن جي شھادت جو ڏينھن) وغيره شامل آهن. ٻوڌين (ٻڌ ڌرم سان تعلق رکندڙن) جو مُک تھوار ’ٻُڌا پُورنيما‘ يا ’يومِ ٻُڌ‘ آهي، جيڪو مئي مھيني جي چوڏھينءَ جي پھرين رات ۾ مھاتما گوتم ٻڌ جي جنم ڏڻ ۽ نرواڻ جي ڏينھن طور ملهايو ويندو آهي. ان کانسواءِ ٻوڌي، ’اسالھا پُوڄا ڏڻ‘ (سڌارٿ ٻُڌ جي پھرين خطبي ڏيڻ وارو ڏينھن)، ’مگها پُوڄا / سنگها ڏڻ‘، ’اوبون‘ (جاپاني جشن، جنھن ۾ ’شبِ براءت‘ وانگر پنھنجن گذاري ويل بزرگن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آهي) ۽ ’لوسر‘ (تبت جي نئين سال جي جشن) جا تھوار پڻ ملهائيندا آهن. جڏھن ته زرتشتن جي مک تھوارن ۾ ’نؤروز‘ (نئين سال جو جشن)، ’خورداد سَل‘ (زرتشت مذھب جي بانيءَ جو جنم ڏينھن)، ’گھامبرس‘ (زرتشت عقيدي موجب آسمان، پاڻي، زمين، ٻوٽن، جانورن ۽ انسانن جي تخليق جو ڏينھن)، ’مھراگن‘ (پن ڇڻ جو جشن)، ’سديع‘ (سندن معبود ــ ’باھه‘ جو تھوار) ۽ ’فراوارديگن‘ (مئلن جو ڏينھن ــ جيڪو مسلمانن جي ’شبِ براءت‘ جي مشابھه آهي، جنھن ۾ زرتشتَ پنھنجي مئل بزرگن جي ڇوٽڪاري لاءِ دعائون گهرندا آهن.) شامل آهن. اسانجي ملڪ ۾ پارسي برادري، زرتشت مذهب سان تعلق رکندڙ آهي، جيڪي ورهاڱي کان اڳ ڪافي تعداد ۾ هئا، پر هاڻي اهي تمام ٿورا رهجي ويا آهن.
جين مت جو وڏي ۾ وڏو تھوار ’پريوشان مھاپروا‘ آهي، جيڪو عام طور تي آگسٽ يا سيپٽمبر ۾ 8 ــ 10 ڏينھن تائين ملهايو ويندو آهي، جيڪو روزو رکڻ، ڪفارو ڏيڻ، پاڻ سڃاڻڻ، روحاني پاڪائيءَ ۽ گناهن جي معافيءَ تي زور ڏيندڙ تھوار آهي. ان کانسواءِ جينَ، ’مھاوير جنم ڪليانڪ‘ / ’مھاوير جيانتي‘ (آخري تيرٿنڪر، ڀڳوان مھاوير جي پئدائش جو ڏينھن)، ’جنن پنچمي‘ ۽ ’ڏياريءَ‘ / ’ديواليءَ‘ جھڙا تھوار به ملھائين ٿا.