اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي جي اڳوڻي امير سراج الحق، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. هن اهم ملاقات دوران ملڪي سياست، وڌندڙ مهانگائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ عوام جي خراب معاشي حالتن تي سخت عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات جي گڏيل پڌائي ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي ڪيل حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسلامي دنيا کي اتحاد ذريعي آمريڪي جارحيت جو جواب ڏيڻ گهرجي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته اهڙيون ڪارروايون وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ کي وڌيڪ تيز ڪنديون، جيڪو عالمي امن لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي.