ماسڪو(م ڊ) آبناءِ هرمز جي بندش روسي تيل جي طلب ۾ اضافو ڪيو آهي. آمريڪا ۽ اسرائيلي حملي جي ڪري آبنائي هرمز جي بندش روسي تيل جي طلب ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ روس روزانو دنيا کي 150 ملين ڊالر جو تيل وڪرو ڪري رهيوآهي. آمريڪا جنگ جي صورتحال ۽ آبناءِ هرمز هرمز جي بندش جي ڪري تيل جي قيمتن تي دٻاءُ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ روسي تيل جي وڪري تي پابندي عارضي طور تي هٽائي ڇڏي آهي.آمريڪي رسالي فنانشل ٽائمز لکيو آهي ته روس تازن ڏينهن ۾ چين ۽ هندستان کي وڪرو ڪيل تيل تي 2 ارب ڊالر ٽيڪس ڪمايو آهي.