حيدرآباد مان اغوا ٿيل شادي هال جو مالڪ 20 لک ڀري آزاد، پوليس اهلڪار ملوث

حيدرآباد (عوامي آواز رپورٽ) حيدرآباد ۾ اغوا ٿيل شادي هال جي مالڪ کي 20 لک رپيا ڀنگ ڏيڻ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو، پوليس موجب حيدرآباد جي حالي روڊ تان شادي هال جي مالڪ کي اغوا ڪيو ويو هو، جنهنکي بعد ۾ 20 لک رپيا ڀنگ وصول ڪرڻ کانپوءِ ڇڏيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته شادي هال جي مالڪ کي سادن ڪپڙن ۾ ملبوس ٽن پوليس اهلڪارن سميت پنج ماڻهن اغوا ڪيو هو، پوليس موجب اغوا ۾ ملوث ٽنهي پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڀنگ جي رقم پڻ برآمد ڪئي وئي آهي، پوليس عملدارن موجب شادي هال جي مالڪ جي اغوا ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف وڌيڪ ڪارروائي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.