منگھوپير ۾ ٻن آئل ٽينڪرن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا چيڀاٽجي فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي منگھوپير جي ميان والي ڪالوني ۾ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪنوري ڪالوني ڀرسان ايف 11 بس اسٽاپ وٽ آئل ٽينڪر جي ٽڪر سبب ٻه ماڻهو چيڀاٽجي ويا، اطلاع ملڻ تي ڇيپا ايمبولينس واقعي واري هنڌ پهچي فوت ٿيل ماڻهن جا لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، ڇيپا ذريعن موجب فوت ٿيل ماڻهن جي سڃاڻپ 70 ورهين جي لال مان شاهه ولد زير الدين ۽ 25 ورهين جي اسدالله ولد بسم الله خان طور ٿي آهي، منگھو پير ٿاڻي جي ايس ايڇ او خوش نواز موجب شروعاتي جاچ موجب حادثو آئل ٽينڪر جي بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو، روڊ جي ڪناري هڪ آئل ٽينڪر اڳ ئي خراب حالت ۾ بيٺل هو ته پٺيان ايندڙ آئل ٽينڪر اچي ان سان ٽڪرائجي ويو، ٽڪر کانپوءِ ٽينڪر بي قابو ٿي هڪ ڊمپر سان به وڃي ٽڪرايو ۽ ان دوران ٻه ماڻهو ٽينڪر جي هيٺان اچي چيڀاٽجي اچي فوت ٿي ويا، پوليس موجب ٻنهي آئل ٽينڪرن ۾ ڊيزل ڀريل آهي جڏهن ته حادثي کانپوءِ ٻنهي ٽينڪرن جا ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا جن جي ڳولا جاري آهي، پوليس احتياط طور عوام کي واقعي واري هنڌ کان پري رکيو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل ماڻهن بابت جاچ جاري آهي ۽ اڃا تائين اها تصديق نه ٿي سگهي آهي ته اهي موٽر سائيڪل سوار هئا يا نه، جڏهن ته حادثو ڪيئن پيش آيو ان بابت پڻ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.