ٺٽي ڀرسان 6 ٻار سنڌو درياھ ۾ ٻڏي ويا، چئن ڄڻن جا لاش هٿ

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽي ويجھو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، سنڌو درياهه ۾ 6 ٻارڙا وهنجندي ٻڏي ويا، ٻن ٻارڙين کي بچايو ويو، 4 ٻارڙا ٻڏي ويا، جن جا لاش ڪڍي وارثن حوالي ڪيا ويا، اونگر ڀرسان ڪارو کئو جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ سبز علي ڇُٽو جا رهواسي پنھور برادري جا 6 معصوم ٻارڙا سنڌو درياهه ۾ وهنجندي ٻڏي ويا، جن مان ٻن ٻارڙين عذرا ۽ پرويزان پنھور کي بچايو ويو، جڏھن ته 4 معصوم ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا، ٻڏي فوت ٿيل ٻارڙن ۾ 13 ورهين جو اعجاز علي پنهور، 11 ورهين جي ساجدا، 10 ورهين جي ڪشميرا ۽ 9 ورهين جو قربان علي پنهور شامل آھن، جڏھن ته ٻن ٻارڙين عذرا ۽ پرويزان کي مقامي ڳوٺاڻن بچائي ورتو، جن کي زخمي حالت ۾ اسپتال روانو ڪيو ويو، يوسي صوف شورو جي ڪچي واري علائقي ڪارو کئو جي ڳوٺ سبز علي ڇٽو ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي ۾ چئن معصوم ٻارڙن جي ٻڏي فوت ٿيڻ واري واقعي سبب ڳوٺ ۾ سوڳ واري صورتحال پکڙيل هئي، جڏھن ته ٻڏي فوت ٿيل سمورن ٻارڙن جا لاش مقامي ڳوٺاڻن سنڌو درياءُ مان ڪڍرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، جن جا لاش سندن گهر پھچڻ تي گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.