آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران تي ھوائي حملا هلندڙ آهن ۽ ايران به پنهنجي ملڪ جي خودمختياري، وقار ۽ آزاديءَ جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي پنهنجي ديس جي دفاع ۾ دشمن خلاف ڀرپور ڪارروايون ڪندي نظر اچي رهيو آهي. آمريڪا کي پنهنجي جنگي صلاحيتن تي ۽ ماضيءَ ۾ مسلسل ڪاميابين جي نتيجي ۾ اھو گهمنڊ ۽ مڳي ھئي ته ايران کي ھضم ڪرڻ ھاڻي سندس کاٻي ھٿ جو کيل آهي. ايران کي آسان هدف سمجهڻ جو اندازو لڳائڻ آمريڪا جي وڏي غلطي ھئي. ايران پنهنجي لڪمت عملي، ثابت قدمي، استقامت ۽ پڪي عزم سان ميدان ۾ ڄمي بيھي ٽيڪنالاجي ۽ جديد ترين ھٿيارن سان مسلح دنيا جي طاقتور ترين ملڪن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن ۽ سندن نڪ ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي جيڪي هاڻ جنگ مان فراريت جا بهانا ڳولي رهيا آهن.
آمريڪا ڳالهين ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي اھو طئي ڪري ڇڏيو هو ته ايران کي هر حال ۾ سوڙھو ۽ ڪنڊائتو ڪيو ويندو، اھو ئي سبب هو جو اھو ايران کي ڳالھين ۾ مصروف رکي پاڻ وڏي پئماني تي پنهنجو جنگي ساز و سامان ۽ ٻيڙا خليج ڏانهن موڪلڻ ۾ مصروف هيو، جڏهن ته ايران ڳالھين ۾ سنجيدگيءَ ۽ مخلصيءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ پر امن مقصدن لاءِ حاصل ڪيل يورينيم معاملي جو پر امن حل پئي چاهيو پر جيئن ته آمريڪا جي نيت ۾ اڳ ۾ ئي خلل هيو ۽ مڊل ايسٽ ۾ موجود پنهنجي ساٿي اسرائيل معرفت ايران تي حملو ڪري ڏنو. آمريڪا اسرائيل جي چرچ تي ايران خلاف اڳرائي ته ڪئي پر ھاڻي ھو وڏي ڌٻڻ ۾ ڦاٿو آهي جنهن مان نڪرڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوششون ڪندي نظر اچي رهيو آهي.
آمريڪا، اسرائيل ۽ سندن عرب اتحادين جو ھن جنگ ۾ وڏو مالي ۽ جاني نقصان ٿيو آهي. اسرائيل ۾ عوام جي آواز کي دنيا تائين رسائي حاصل ڪرڻ کان روڪڻ ۽ مالي ۽ جاني نقصان جون وڊيوز رکڻ تي مڪمل سينسر شپ لاڳو ڪئي وئي آهي ته جيئن دنيا اسرائيل ۾ آيل تباهي ۽ بربادي جي منطرن کان بيخبر رھي. اسرائيل مان وڏي پئماني تي لڏ پلاڻ ٿي رهي آهي، ماڻھو مسلسل بنڪرن جي ذلت آميز زندگيءَ مان بيزار ٿي ويا آهن ۽ نفسياتي مريض بڻجي رھيا آھن. مڊل ايسٽ ۾ آمريڪا جا اڏا ۽ سھولتون غير محفوظ بڻجي ويون آهن ۽ سندن عرب سھولتڪارن ۽ اتحادين کي وڏو ڌڪ آيو آهي ۽ اھي وڏي خوف ۾ مبتلا آهن ۽ آمريڪا کي جنگ بندي لاءِ منٿون پيا ڪن. ٽرمپ جنهن جنگ نه امن کپي جي واعدي تي آمريڪي عوام کان ووٽ ورتا ھئا تنهن جو آمريڪا ۾ گراف وڏي پئماني تي بري طرح ڪري رهيو آهي. آمريڪا ۾ مٿان مڊ ٽرم چونڊون ٿيڻ واريون آهن جنهن ۾ به اُھي چٽا امڪان آھن ته ٽرمپ وڏو خوار ۽ ذليل ٿيندو. آمريڪا ۾ ٽرمپ جي اٻهرن ۽ بنا اعتماد ۾ وٺڻ وارن فيصلن تي ڪانگريس به سخت ناراض آهي. ٽرمپ جي پاليسين ۽ ايران ۾ زوريءَ جنگ مڙھڻ خلاف آمريڪا ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. آمريڪا جا روايتي اتحادي سمجهيا ويندڙ فرانس، برطانيا، جرمني، يورپ جي ملڪن پاڻ کي ٽرمپ جي هن جنگ کان پري رکيو آهي. آمريڪا پنهنجي پاليسين ۽ روين سبب تيزيءَ سان اڪيلائيءَ جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. ھوڏانھن نيتن ياھوءَ جي جنگي جنون خلاف به پنهنجي ملڪ جا ماڻهو اسرائيل ۾ سراپا احتجاج بڻيل آهن ۽ ڀرپور آواز بلند ڪري رهيا آهن، بحرين جو بادشاھ ملڪ مان فرار ٿي ويو آهي ۽ اتي حڪومتي تبديليءَ جا واضح اشارا ملي رهيا آهن.
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ايران تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي جن ۾ ڪجهه يورپ جا ملڪ به آهن جن ۾ اسپين سر فھرست آهي. جنگ ۾ شامل ٿيڻ ۽ پنهنجي اڏن جي استعمال کان انڪار ڪرڻ تي آمريڪا کي اسپين مان پنهنجا پندرهن جھاز سومر تي ڪڍڻا پيا جنهن کان پوءِ صدر ٽرمپ اسپين سان ڪيل تجارتي معاھدا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اسپين جي وزير اعظم واضح ڪندي چيو آهي ته بدلي جي ڪنهن خوف کان اھڙي شيءِ ۾ شريڪ نه ٿينداسين جيڪو دنيا جي لاءِ نقصانڪار ھجي. افسوس جو سواءِ ڪجهه ملڪن جي باقي مسلم دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي. جنگ کان اڳ خليجي ملڪن ايران کي اھو يقين ڏياريو ھو ته اھي ايراني مفادن خلاف استعمال نه ٿيندا پر اھا رڳو گفتار ھئي ۽ عملي طور تي اھي آمريڪا سان گڏ بيٺا جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ايران انهن منافقن ۽ مڪارن کي به نشانو بڻايو ۽ انھن ملڪن ۾ آمريڪي مفادن خلاف ڀرپور ڪارروائي عمل ۾ آندي آهي. يورپ جي ننڍي پر بااثر ملڪ سلوينيا پنھنجي ملڪ ۾ اسرائيل جي وزير اعظم نيتن ياھوءَ جي داخلا تي بندش ھڻي ڇڏي آهي. سلووينيا جي سرڪار پابندي جو سبب ڄاڻائيندي واضح ڪيو آهي ته عالمي عدالتي اصولن، انساني حقن ۽ بين الاقوامي قانون جي احترام ۾ ھي قدم کنيو ويو آهي. بين الاقوامي قانونن جي سخت خلاف ورزي ڪرڻ جي ڏوھ ۾ نيتن ياھوءَ خلاف انفرادي طور اهو اصولي فيصلو وٺي سندس ڏانهن سخت پيغام موڪليو ويو آهي.