ڪراچي (رپورٽر) گل پلازا سانحي جي جاچ ڪندڙ عدالتي ڪميشن کي تنوير پاستا ڪميشن طرفان موڪليل 45 سوالن تي ٻڌل سوالنامي جا جواب جمع ڪرائي ڇڏيا، جواب ۾ اعتراف ڪيو ويو ته دڪانن جي ٽائيٽل دستاويزن جو رڪارڊ جمع نه ڪرايو ويو، جڏهن ته دڪاندارن کان هر مهيني مينٽيننس جي نالي تي ورتل 1500 رپين بابت تفصيل به فراهم نه ڪيا ويا، سوالنامي ۾ اهو به تسليم ڪيو ويو ته ايسوسيئيشن ڪنهن به سرڪاري اداري ۾ رجسٽرڊ نه هئي ۽ عمارت جا دروازا صدر جي هدايت تي بند رکيا ويندا هئا، جواب ۾ تنوير پاستا سانحي ۾ ٿيل جاني نقصان جو ذميوار ريسڪيو جي سست انتظامن کي قرار ڏنو، هن چيو ته فائر بريگيڊ جي پهرين گاڏي 10 لڳي 55 منٽن تي پهتي، جڏهن ته ويهن منٽن اندر فائر ٽينڊر جو پاڻي ختم ٿي ويو، وڌيڪ ٻه ٽينڊر ساڍي يارهين وڳي پهتا، پر ان وقت تائين باهه گرائونڊ فلور تي ٽنهي پاسن تائين پکڙجي چڪي هئي، ريسڪيو اهلڪارن وٽ مناسب اوزار، ماسڪ ۽ حفاظتي سامان موجود نه هو ۽ شروعاتي ڪلاڪن ۾ اهي عمارت اندر داخل ٿي ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ جي قابل نه هئا، فائر فائٽرز وٽ فوم يا ڪيميڪل به موجود نه هئا، مارڪيٽ انتظاميه پنهنجي مدد پاڻ تحت خانگي ٽينڪرن جو انتظام ڪيو، هن ٻڌايو ته عمارت ۾ ڦاٿل ماڻهن جي لوڪيشن ملڻ تي ڪجهه ماڻهن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻاهر ڪڍيو ويو، پر مناسب ريسڪيو سهولتون نه هجڻ سبب ڪيترن ماڻهن کي بچائي نه سگهياسين.