ڪراچي ڪانفرنس ۾ سخت تقريرن تي طاقتور حلقا ٽيسوري تي ناراض ٿيا؟

ڪراچي(فهيم صديقي)سوشل ميڊيا تي بحث هلي رهيو آهي ته ڪامران ٽيسوري کي ويلنٽائن ڊي 14 فيبروري تي هٽايو ويو. انهيءَ ڏينهن گورنر هائوس ۾ ڪراچي جي مستقبل بابت هڪ ڪانفرنس ٿي هئي جنهن ۾ مختلف شعبن جا ماڻهو شامل ٿيا هئا. پيپلز پارٽي هن ڪانفرنس کي سختي سان رد ڪيو ۽ چيو ته گورنر هائوس ۾ سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش ٿي رهي آهي. ايم ڪيو ايم به سنڌ اسيمبلي ۽ اسيمبلي کان ٻاهر پيپلز پارٽي کي جواب ڏنو. انهن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 239 موجب صوبو ٺاهڻ تي بحث ڪرڻ تي پابندي لڳائي نٿي سگهجي، ڇو ته آئين اهڙي ڳالهه جي اجازت ڏئي ٿو.پر ايم ڪيو ايم  وساري ويٺي ته هن ملڪ ۾ گهڻو ڪري فيصلا طاقتور حلقا ۽ امير طبقا ڪندا آهن. ذريعن موجب پيپلز پارٽي اڳ ئي ڪامران ٽيسوري جي سرگرمين کان ناراض هئي، تنهن ڪري هن ڀيري هن گورنر کي تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. پيپلز پارٽي مسلم ليگ ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪامران ٽيسوري کي هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ هو حڪومت جي حمايت ختم ڪري سگهي ٿي.جيڪڏهن پيپلز پارٽي حمايت ختم ڪري ها ته حڪومت لاءِ مسئلو پيدا ٿي سگهي ها. علائقي ۾ جنگي صورتحال سبب سياسي بحران کان بچڻ لاءِ پيپلز پارٽي جو مطالبو قبول ڪيو ويو. البت مسلم ليگ فيصلو ڪيو ته گورنر سنڌ جو عهدو پيپلز پارٽي کي ڏيڻ بدران پنهنجو ماڻهو مقرر ڪيو وڃي، ۽ ان لاءِ نهال هاشمي جو نالو سامهون آيو.نهال هاشمي مسلم ليگ جو پراڻو ۽ وفادار ڪارڪن آهي جيڪو پنهنجي وفاداري سبب جيل به وڃي چڪو آهي. سندس جيل وڃڻ جي ڪهاڻي به اهم آهي.ڪامران ٽيسوري کي ڊاڪٽر فاروق ستار جو ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو آهي. جڏهن کيس 10 آڪٽوبر 2022ع تي گورنر مقرر ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم جي حلقن ۾ سندس نالو گهڻو مشهور نه هو. ايم ڪيو ايم اندر هن فيصلي تي مختلف راءِ آهن. ڪجهه اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هن سان ايم ڪيو ايم کي وڏو نقصان ٿيو آهي ۽ کين حڪومت ڇڏي ڏيڻ گهرجي. جڏهن ته ٻيا چون ٿا ته ايم ڪيو ايم کي عوام وٽ اهو پيغام ڏيڻ گهرجي ته ڪراچي لاءِ هو ڏهه گورنر به قربان ڪري سگهي ٿي.ايم ڪيو ايم جو خيال آهي ته گورنر هائوس ۾ ڪراچي ڪانفرنس ئي گورنر جي تبديلي جو سبب بڻي ۽ ان جو وڏو فائدو پيپلز پارٽي کي ٿيو. پر ايم ڪيو ايم ڄاڻي ٿي ته حڪومت ڇڏڻ سان حڪومت نه ڪري پوندي، ڇو ته هاڻي انهن جا 22 ووٽ فيصلائتا ناهن.انهيءَ ڪري ڪامران ٽيسوري جي قرباني ايم ڪيو ايم کي قبول ڪرڻي پوندي، پر ان کي سياسي بيانيي لاءِ استعمال به ڪري سگهجي ٿو.ساڳئي وقت ايم ڪيو ايم اندر به ڌڙا آهن. جڏهن 14 فيبروري تي گورنر هائوس ۾ ڪراچي بابت ڪانفرنس ٿي رهي هئي ته ساڳئي ڏينهن مصطفىٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني واري ڌڙي لياقت آباد ۾ پنهنجو پروگرام ڪيو. ٻنهي هنڌن تي هڪ ٻئي جا ماڻهو به نه ويا.هاڻي ڪامران ٽيسوري به پنهنجي سياسي مستقبل بابت سوچي رهيو هوندو. هو ڪوشش ڪندو ته ايم ڪيو ايم ۾ اڳ وانگر اهميت برقرار رکي، پر اهو آسان نه هوندو. اهڙي صورتحال ۾ ڪامران ٽيسوري ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار جو مستقبل به غير يقيني نظر اچي رهيو آهي.

ڪامران ٽيسوري وٽ گل پلازا سانحي بابت ڪهڙا راز هئا؟

ڪراچي(مصطفيٰ حبيب)ڪيترائي ماڻهو سوال پڇي رهيا آهن ته آخر ڪهڙي سبب ڪامران ٽيسوري کي هٽايو ويو،ڪامران ٽيسوري پنهنجي آخري خطاب ۾ چيو هو ته گل پلازا جي معاملي تي آواز اٿارڻ جي ڪري مون کي سزا ڏني پئي وڃي، مان ڊڄڻ وارو ناهيان، ڊڄن اهي ماڻهو جن جا سڀ راز مون کي خبر آهن.”هن بيان کان پوءِ ڪيترائي سوال پيدا ٿيا آهن۔ ڇا واقعي گل پلازا سان  لاڳاپيل ڪنهن واقعي بابت انهن وٽ اهڙا راز هئا جيڪي ظاهر ٿيڻ وارا هئا؟ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته معاملو صرف هڪ بيان جو نه پر پارٽي اندر اختلافن جو به ٿي سگهي ٿو،ايم ڪيو ايم اندر مختلف گروپن جي ڳالهه به ڪئي پئي وڃي۔ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪامران ٽيسوري پارٽي اندر هڪ نئون اثر پيدا ڪري رهيو هو ۽ سندس مقبوليت وڌي رهي هئي، جنهن سبب پارٽي اندر قيادت جو مسئلو به پيدا ٿي سگهي ٿو۔، ڪامران ٽيسوري کي گهڻو ڪري “عوامي گورنر” به چيو ويندو هو، ڇو ته هن گورنر هائوس عام ماڻهن لاءِ کوليوافطار پارٽيون ۽ عوامي تقريبون ڪرايون شاگردن لاءِ آءِ ٽي ڪورسز شروع ڪياڪاروباري ۽ تعليمي حلقن سان رابطا وڌاياان سبب ڪراچي ۾ ڪيترن ماڻهن ۾ انهن جي سٺي سڃاڻپ پيدا ٿي وئي هئي،ڪجهه تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته ڪامران ٽيسوري جي ڪجهه مطالبن سبب به مسئلا پيدا ٿيا۔ مثال طور ڪراچي جي انتظام بابت سخت موقف شهر جي مسئلن تي کليل تنقيد اهي ڳالهيون صوبائي حڪومت لاءِ به اڻوڻندڙ ٿي رهيون هيون،ٻئي پاسي نهال هاشمي جي مقرري کان پوءِ بهاري ڪميونٽي ۾ به اميد پيدا ٿي آهي، ڇو ته هو پاڻ به بهاري نسل سان لاڳاپيل آهي ۽ ڪراچي ۾ انهن جي مسئلن بابت آواز اٿارڻ جي اميد ڪئي پئي وڃي۔

گورنر جي تبديليءَ تي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها: خالد مقبول صديقي

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته گورنر جي تبديلي واري معاملي تي وفاقي حڪومت کي کين اعتماد ۾ وٺڻ  گهرجي ها. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت سان اسان جي اعتماد ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي. هن ياد ڏياريو ته سنڌ جي شهري علائقن مان گورنر بڻجڻ جي هڪ تاريخي روايت رهي آهي ۽ انهن علائقن جو مينڊيٽ هميشه ايم ڪيو ايم وٽ رهيو آهي. خالد مقبول صديقي ڪراچي جي مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي فنڊن سان ملڪ ۾ موٽرويز ته بڻجن ٿا پر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام لاءِ ڪو به موٽروي ناهي. هن شهر ۾ زمينن تي قبضن ۽ هيوي ٽريفڪ سبب ٿيندڙ جاني نقصانن تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن کين تعليم جي وزارت ملي ته هو تعليمي ايمرجنسي لڳائيندا، جڏهن ته آدم شماري ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪوششن سان ڪراچي جا 70 لک ماڻهو ڳڻپ ۾ ظاهر ٿيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.