حڪمران ڪيستائين ڪرپشن کي لڪائيندا رهندا؟:ڪاشف سعيد

حيدرآباد ( رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ ۾ بااختيار ۽ باوسيلن  تي ٻڌل بلدياتي نظام جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته حڪومتي جبر ۽ وڏيرا شاھي نظام سنڌ جي عوام کي سالن کان يرغمال بڻائي رکيو آهي۔ سنڌ وسيلن سان مالا مال آهي، پر حڪومتي نااهلي، ڪرپشن ۽ سمورا اختيار پنهنجي هٿ ۾ رکڻ سبب صوبي جا ماڻهو غربت، بُک بدحالي ۽ افلاس جو شڪار توڙي صحت ۽ تعليم جهڙين بنيادي سهولتن کان به محروم آهن. حيدرآباد سميت سڄي سنڌ کنڊرات بڻيل، جڏهن ته  شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ بنيادي انفراسٽرڪچر مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي۔ تعليم کان محرومي ۽ صنعتن جي بندش سبب نوجوان منشيات جا عادي بڻجي ڏوهن جي دنيا جو رُخ ڪري رهيا آهن۔ سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر حيدرآباد يونيورسٽي کان محروم ۽ پاڻي جي بحران جو شڪار آهي۔ ايئرپورٽ کي غير فعال بڻائي شھرين کي سفري سھولت کان محروم ڪيو ويو آھي.جماعت اسلامي سنڌ جي وحدت تي يقين رکي ٿي پر حڪمران آخر ڪيسيتائين قراردادن ذريعي پنهنجي ناڪامين ۽ ڪرپشن کي لڪائيندا رهندا؟ تنهنڪري بااختيار ۽ باوسيلن تي ٻڌل بلدياتي نظام، ڪرپشن جو خاتمو ۽ هر سطح تي عدل ۽ انصاف تي ٻڌل قدم کڻڻ سان ئي محرومين ۽ غير آئيني مطالبن جو خاتمو ممڪن آهي۔ جنهن کان پوءِ 18هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ يا نئين صوبي جي مطالبي جو ڪو به جواز نه رهندو۔  ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي ٽائون چيئرمينن محدود وسيلن ۽ گهٽ اختيارن باوجود بهترين ڪم ڪيو آهي۔ سنڌ ۾ مڪاني نمائندن جي اڪثريت پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل آهي، سندن مدي جو به خاتمو ٿيڻ وارو آهي، پر پوءِ به سنڌ حڪومت انهن نمائندن کي اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته جيئن وڌيڪ ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪري سگهجن، اهڙن خيالن جو اظهار هن مرڪز تبليغ اسلام حيدرآباد ۾ جماعت اسلامي سنڌ پاران صحافين جي اعزاز ۾ ڏنل افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو۔.ان موقعي تي محمد يوسف، الطاف احمد ملاح، سهيل احمد شارق، مجاهد چنا، حافظ طاهر مجيد، حنيف شيخ، نعيم مغل ۽ ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.