اسلام آباد (بيورو) اطلاعات واري وزارت افغان طالبان حڪومت پاران پاڪستاني چوڪين تي قبضي جي دعويٰ کي مڪمل رد ڪندي ان کي هٿ ٺوڪيو قرار ڏنو آهي. وزارت موجب، هي ڪوڙو بيان رڳو افغان عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ڏنو ويو آهي. بيان ۾ واضح ڪيو ويو ته دهشتگردن / ۽ ڀارتي ميڊيا جي گڏيل پروپيگنڊا ۾ ڪا به سچائي ناهي، جڏهن ته طالبان انتظاميه پنهنجي دعويٰ جو ڪو به ثبوت فراهم نه ڪري سگهي آهي. پاڪستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگردن کي ٿيندڙ نقصانن کان اهي پوريءَ طرح واقف آهن.