اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي درخواست تي انٽرپول بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض حسين ۽ سندس پٽ علي رياض ملڪ جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. نيب پاران ٻنهي شخصيتن کي مختلف ڪيسن ۾ گهربل هجڻ سبب انٽرپول سان رابطو ڪيو ويو هو. انٽرپول جي راضپي کانپوءِ هاڻي هي معاملو يو اي اي حڪومت جي اختيار ۾ آهي. ذريعن موجب ايندڙ اٺن هفتن دوران ملڪ رياض جي پاڪستان حواليءَ بابت ڪا وڏي اڳڀرائي متوقع آهي.