دبئي (م ڊ) عرب ميڊيا موجب آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ 15 ڏينهن کان جاري جنگ دوران ايران ۾ 1444 ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن، رپورٽن موجب اسرائيلي حملي سبب لبنان ۾ 773 ماڻهو شهيد ٿيا، جڏهن ته اسرائيل ۾ 14 ۽ ايران جي حملي ۾ 11 آمريڪي فوجي مارجي ويا، عرب ميڊيا موجب يو اي اي ۾ 6، سعودي عرب ۾ 2، عراق ۾ 26، ڪويت ۾ 6، عمان ۾ 3 ۽ بحرين ۾ 2 ماڻهو شهيد ٿيا، فوٽو رپورٽ ۾ ايران ۾ آمريڪي حملن دوران 160 شاگردن جون قبريون ڏيکاريون ويون.