مٺي (رپورٽ: غازي بجير) مٺي سول اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ نرس سان زيادتي جي الزامن کانپوءِ اسپتال جي رهائشي ڪوارٽر ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ آپگهات کان اڳ پنهنجي ويجهن دوستن کي خط ۽ وائيس ميسيج ذريعي اهو انتهائي قدم کڻڻ جو سبب ۽ ذميوارن بابت پڻ آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر پاران آءِ جي سنڌ ڏانھن لکيل خط ۾ ڄاڻايو آھي ته مون تي اسٽاف نرس سان زيادتي جو ڪوڙو الزام هڻي وڏو ٽارچر ڪيو ويو آھي، انڪري آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهيان. هن چيو ته مون کي ايم ايس هريش جڳاڻي، ڊاڪٽر موهن کتري، ڊاڪٽر مالڪ نهڙيو، برڪت هنڱورجو، سردار، منٺار ڀيل ۽ ٻين ٽارچر ڪيو ۽ انهن تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل ڊاڪٽر ھريش جڳاڻي ٻڌايو ته ڊاڪٽر سان ڪجھه ڏينھن اڳ اسٽاف نرس منٺار ڀيل جي ڏند چڪ ٿي هئي، ڊاڪٽر جي شڪايت تي مون ڪميٽي جوڙي ۽ جاچ کانپوءِ منٺار کي ڏوهي قرار ڏيندي سندس شفٽ تبديل ڪئي هئي، ڊاڪٽر الائي ڇو جذبات ۾ اچي ايڏو وڏو قدم کنيو.
ڊاڪٽر هريش، شفيق اڄڻ،منٺار ڀيل،سردار ڀيل ۽ ٻين تي الزام
مٺي:ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ آءِ جي ڏانهن لکيل خط ميڊيا کي پڻ موڪليو جنهن ۾ ڄاڻايو آھي ته آئون ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ ولد حاجي عبدالله شيخ چيف ميڊيڪل آفيسر سول اسپتال مٺي نائيٽ شفٽ انچارج لکي ٿو ڏيان ته مان اڄ تاريخ 14.03.2026 يا ڪهڙي به تاريخ خودڪشي ڪيان ٿو انهي جو ڪارڻ هي آهي. جيئن ته سول اسپتال مٺي ۾ منهنجو سول سرجن ڊاڪٽر هريش جڳاڻي مون سان نهايت بدتميزي وارو سلوڪ ڪري ٿو جنهن جي مان شڪايت سيڪريٽري هيلٿ ڪراچي، اسپيشل سيڪريٽري هيلٿ ڪراچي جن وٽ مان شڪايت ڪري چڪو آهيان ۽ سيڪشن آفيسر شفيق اڄڻ جيڪو 19 گريڊ جي آفيسرن کي ڊيل ڪندو آهي اهو ڊاڪٽر سول سرجن هريش جڳاڻي سان مليل آهي ۽ ان سان پئسي جي لين دين جي ڪري منهنجي درخواست شڪايت واري چيف سيڪريٽري ۽ هيلٿ سيڪريٽري وٽ نٿو پهچائي.جيئن ته 01.03.2026 تي رات جو تقريبن 1 بجي ڌاري منٺار ڀيل اسٽاف نرس جيڪو نائيٽ شفٽ سول اسپتال ۾ مرداڻي وارڊ ۾ ڊيوٽي ڪندو آهي تنهن فون تي مون کي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏنيون آهن اها آڊيو ڪلپ پنهنجي سول سرجن ڊاڪٽر هريش جگاڻي کي موڪلي هئي ان سان گڏوگڏ ڪمپلين ۽ شڪايت لکت جي صورت سول سرجن هريش جگاڻي سول اسپتال مٺي ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر مٿي، ڊي جي هيلٿ حيدرآباد، اسپيشل سيڪريٽري ڪراچي جن ڏانهن موڪلي آهي.سول سرجن ڊاڪٽر هريش جگاڻي انڪوائري ڪرائي ان جا ميمبر ڊاڪٽر موهن لال کتري سول اسپتال مٺي ۽ ڊاڪٽر عبدالمالڪ نهڙيو سول اسپتال مٺي جن کي مقرر ڪيو ويو انهن مون کي گهرايو ۽ مون کان معلومات ورتي ۽ چيو ته 01.03.2026 تي رات جو ڇا ٿيو جنهن جي توهان درخواست مٿي اعليٰ آفيسر تائين موڪلي آهي مان انهن کي ٻڌايو ته مان اها آڊيو ڪلپ پنهنجي سول سرجن ڊاڪٽر هريش جڳاڻي کي موڪلي آهي انڪوائري آفيسر منهنجي اها ڪلپ ٻڌي ۽ مون کي ڪوڙي تسلي ڏني ته توهان حق تي آهيو ۽ منٺار ڀيل اسٽاف نرس جيڪو ڪم ڪري ٿو نائيٽ شفٽ ۾ ان کي گهرايو ويو ۽ ان کان پڇڻ تي ان مهل ڪا به اسٽيٽمينٽ نه ڏني ۽ مان پنهنجي اسٽيٽمينٽ جمع ڪرائي انڪوائري آفيسر مون سان ڪوڙي ڪري لکي ڪري هندو کي فائدو ڏيڻ لاءِ لکيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ چيف ميڊيڪل آفيسر بي پي ايس 19 جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي سول اسپتال مٺي ۾ جيڪو نائيٽ شفٽ جو انچارج آهي ان کان پوءِ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اسٽاف نرس منٺار ڀيل کي مان هڪڙو ليگل نوٽيس به موڪليو آهي پنهنجي وڪيلن جي معرفت تحت جيڪو ان کي وصول ٿيو آهي ان ليگل نوٽيس جي جواب ۾ ان لکيو آهي ۽ پنهنجي کان لکرايو آهي جيڪو سراسر غلط آهي اهو هن ريت آهي.جيئن ته منهنجو مٿي الزام لڳايو ويو ته مان ان کان زنا جي لاءِ آماده ٿو ڪيان مختلف ٽائيمن کان وٺي جنهن جو ان وٽ ڪو به ثبوت ڪونه آهي ۽ ان سان گڏوگڏ سردار ڀيل، برڪت هنڱورجو ۽ عبدالڪريم ڪنڀار جن مون کي ذهني ٽارچر ڏنو آهي مان بار بار انهن کي چوان ٿو ته اهڙو ڪو به ثبوت هجي ته مونکي ٻڌايو ۽ انڪوائري آفيسرن کي ٻڌايو ته مان پنهنجي ليگل نوٽيس تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهيان ۽ انڪوائري آفيسرن ان هندو کي پنهنجي ڀاءُ سمجهي مون کي مسلمان سمجهي مون کي منهنجي ڊيوٽي تبديل ڪرڻ لاءِ لکيو آهي ۽ اعليٰ اختيارن کان جانچ ڪرائڻ لاءِ به لکيو ويو آهي اها تذليل مون کان برداشت نٿي ٿئي مان پنهنجي هوش و حواس ۾ لکي ٿو ڏيان ۽ اقرار ٿو ڪريان ته آئون جيڪو به قدم کڻان ٿو ان جا ذميوار ڊاڪٽر هريش جگاڻي سول سرجن سول اسپتال مٺي، ۽ انڪوائري آفيسر ڊاڪٽر موهن لال کتري ۽ ڊاڪٽر عبدالمالڪ نهڙيو ۽ منٺار ڀيل اسٽاپ نرس، سردار ڀيل اسٽاف نرس جيڪو 01 سالو ۽ ڀيڻيو به ٿيندو آهي انهن سڀني ملي جلي ڪري مون کي ذهني بيمار ڪيو . مان 01 تاريخ اڄ تاريخ تائين مان ننڊ ڪري نه سگهيو آهيان ۽ هينئر مان روزي سان اقرار ٿو ڪريان پنهنجي رب کي حاضر ناظر تي اقرار ٿو ڪريان ته منهنجو اهڙو ڪنهن به تعلق نه آهي ۽ مان سائين جن کي گذارش ٿو ڪريان ته منهنجي آخري خواهش آهي ته منهنجي کيسي ۾ ايترا پئسا آهن جيڪي منهنجي ڪفن جو بندوبست ڪندا جنهن جو نالو آهي ڊاڪٽر مجيب چانڊيو جيڪو سول اسپتال مٺي ۾ رات جو ڊيوٽي ڪندو آهي ۽ منهنجي موبائيل جو ڪوڊ نمبر آهي 1969 جنهن منهنجي پٽ محمد صادق کي اطلاع ڏيندا منهنجي خودڪشي جو ۽ ان کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ اسپتال جي ذهني مسئلي ۾ شڪار ٿي وصيت ٿو ڪري ڀينرن جي شادي ڪرائجان ته منهنجي موت کان پوءِ منهنجو چهرو ڪنهن به ڏيکارڻ جي اجازت نه هوندي
وارثن ڪيس داخل ڪرايو ته ڪارروائي ڪنداسين:ايس ايڇ او
مٺي:واقعي بابت مٺي ٿاڻي جي ايس ايڇ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو آپگھات آهي، سبب ڄاڻڻ لاءِ شفاف جاچ ڪئي ويندي، فوتي ڊاڪٽر جي وارثن جنهن جي به خلاف ڪيس داخل ڪرايو اسان انهن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪنداسين،
ڊاڪٽر عبدالڪريم بيگناهه، منٺار ڀيل ڏوهاري ثابت ٿيو:ڊاڪٽر هريش جڳاڻي
مٺي:سول اسپتال مٺي جي آپگهات ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي خودڪشي واري واقعي بابت سول سرجن سول اسپتال مٺي ڊاڪٽر هريش جڳاڻي چيو آھي ته خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ تي ڪوبه زنا يا بدفعلي جي ڪوشش ڪرڻ جو الزام نه هو. نائيٽ ڊيوٽي ۾ مرد اسٽاف نرس منٺار ڀيل طرفان هن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ گاريون ڏيڻ جي هن ٽي ڏينهن اڳ شڪايت ڏني مون انهي تي انڪوائري ڪرائي جنهن ۾ منٺار ڀيل غلط ۽ ڏوهاري ثابت ٿيو جنهن خلاف مون ايڪشن کڻي نائٽ شفٽ مان بدلي ڪري هن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو جنهن بعد منٺار ڀيل ۽ اسان جي ٻي عملي ڊاڪٽر ڪريم وٽ نياڻيون ميڙ وٺي معافي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن سڀني کي موٽائي ڇڏيو ۽ منجهند ڌاري مونکي فون ڪري چيو ته مونکي ٻڌو آئون خودڪشي ڪري رهيو آھي انهي جا ذميوار توهان ڊاڪٽر مالڪ نهڙي ڊاڪٽر موهن کتري منٺار ڀيل برڪت ، عبدالڪريم سردار ڀيل آھيو. سول سرجن چيو مون انهي تي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن فون ڪٽي بند ڪري ڇڏيو جنهن بعد مون ايس ايڇ او کي اطلاع ڪيو ۽ هيلٿ جي ڊائريڪٽر پڻ اهڙو اطلاع ڪيو ۽ ٿوري دير بعد خبر پئي ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ ڪوارٽر پنکي ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏي آھي.
فوتي جو لاڙڪاڻي سان تعلق، خاندان ڪراچي ۾ ترسيل آهي
مٺي:ٻڌايو پيو وڃي ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جو اصل تعلق لاڙڪاڻي سان ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته سندس خاندان هن وقت ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي. واقعي جي خبر ملڻ بعد طبي برادري ۽ مقامي ماڻهن ۾ سخت ڏک ۽ صدمو پکڙجي ويو آهي،ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ موت کان اڳ آءِ جي سنڌ پوليس کي هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ هن الزام لڳايو ته سول اسپتال مٺي جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ (ايم ايس) هريش جگاڻي ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن طرفان مٿس ڪوڙا الزام لڳائي کيس ذهني طور تي سخت پريشان ۽ هراسان ڪيو پيو وڃي
آپگهات ڪندڙ ڊاڪٽر ڏيتي ليتي بابت به پٽ کي هدايتون ڪري ويو
مٺي:خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر پنھنجي وصيت ۾ لکيو آھي ته منهنجو پٽ امان جي دڪان جا ڪرائي تي 10 لک ايڊوانس مان ورتا آهن اهي مان خادم شيخ لاڙڪاڻي وارو حمزا شيخ ان جي پيءُ کي ڏنل آهي ۽ وقت سر انهن کان پئسا واپس ڪري جمالي صاحب کي ڏيڻا ۽ محمد صادق پنهنجي پٽ کي وصيت ٿو ڪريان ته عبدالعزيز شيخ جيڪو منهنجو ڀاءُ آهن ان جو برابر مون ڏي ڪو به پئسن جو حساب نه اهو سچ آهي مهرباني،
پنهنجي ڀينرن جي شادي ڪرائجان:پٽ کي وصيت
مٺي:خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر خط ۾ پنھنجي پٽ کي وصيت ڪندي لکيو آھي ته پنھنجي ڀينرن جي شادي ڪرائجان منھنجي لاش جو چھرو ڪنھن جي به ڏيکارڻ جي اجازت ناھي مان اھل تشيع شيعو آھيان محمد ۽ آل محمد تي منھنجو ايمان آھي ته اھا ذات منھنجو حق ڪندي منھنجي لاش کي لاوارث نموني دفنائي قبر جو نشان مٽائي چڏيندا جيڪڏھن ڊاڪٽر مجيب چانڊيي ايئن نه ڪيو ته خدا جي درٻار ۾ ڊاڪٽر مجيب ڏوھي ۽ مان سوالي ھوندس.
منٺار ڀيل جي آپگهات ڪندڙ ڊاڪٽر کي گاريون ڏيڻ جي آڊيو وائرل
مٺي:اسٽاف نرس منٺار ڀيل وڏو داداگير،خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر کي گاريون ڏيڻ واري آڊيو وائرل ٿي وئي،خودڪشي ڪندڙ چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ڪريم شيخ کي اسٽاف ميل نرس منٺار ڀيل جي گارين واري آڊيو رڪارڊنگ وائرل ٿي وئي آھي جنھن ۾ ھو ڊاڪٽر کي گاريون ڏئي رھيو آھي،جنهن جو تدارڪ نه ٿيڻ ڪري هن خودڪشي ڪئي،