اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد نويد قمر چيو آهي ته پراڻي قيمت تي خريد ڪيل تيل کي 55 رپيا مهانگو ڪرڻ جو فائدو حڪومت کي نه، پر پيٽرول پمپس ۽ انهن کي ٿيو جن وٽ تيل جا ذخيرا موجود هئا، هن نجي ٽي وي پروگرام ۾ ٻڌايو ته آبنائي هرمز عالمي تيل جو 20 سيڪڙو گذرگاهه آهي، جيڪو ايران بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب يو اي اي، ڪويت، قطر، سعودي عرب ۽ ايران جو تيل انهيءَ رستي مان گذرندو آهي، آبنائي هرمز جي بندش سبب عالمي تيل ۾ بحران پيدا ٿيو، پر هاڻي تيل جا جهاز پورٽ تي پهچي ويا آهن ۽ اهي پراڻي قيمت تي خريد ڪيل آهن پر قيمت وڌائڻ جو فائدو انهن کي ٿيو جن وٽ تيل جا ذخيرا موجود هئا، نويد قمر چيو ته رات جو تيل 55 رپيا مهانگو ڪيو ويو، جنهن جو سڌو فائدو پمپ ۽ ذخيرا ڪندڙن کي ٿيو، جيڪڏهن پيٽرول مهانگو ڪرڻو هو ته اصل ۾ تيل جي ملڪ ۾ پهچڻ وقت ڪرڻ گهرجي ها.