نظام جي خرابي جا اثر پوري قوم تي پون ٿا:حافظ نعيم

لاهور (بيورو) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته نظام جي خرابي جا اثر پوري قوم تي پون ٿا ۽ جڏهن رياست پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪندي آهي ته عام ماڻهن کي بار برداشت ڪرڻو پوندو آهي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب عوام جون  مشڪلاتون وڌي ويون آهن، هو لاهور ۾ الخدمت فائونڊيشن پاڪستان پاران يتيم ٻارن جي اعزاز ۾ منعقد ڪيل شاندار افطار ڊنر کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي امير لاهور ضياءُ الدين انصاري ايڊووڪيٽ، جنرل سيڪريٽري الخدمت فائونڊيشن وقاص جعفري، ڊائريڪٽر بنو قبال عمير ادريس، صدر الخدمت لاهور احمد حماد رشيد ۽ انفارميشن سيڪريٽري جماعت اسلامي پاڪستان شڪيل ترابي پڻ موجود هئا، تقريب ۾ يتيم ۽ هزارين مرد ۽ عورتون شرڪت ڪئي، حافظ نعيم الرحمان چيو ته الخدمت جو اسپانسرشپ پروگرام خاص اهميت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته ان جو ڌيان يتيم ٻارن تي آهي، سماج ۾ يتيم ٻارن جي اسپانسرشپ جي ضرورت اڳ کان وڌيڪ وڌي وئي آهي، هن وقت لڳ ڀڳ 35 هزار يتيم ٻارن جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي جيڪي پنهنجي مائرن سان گڏ گهرن ۾ رهن ٿا ۽ الخدمت فائونڊيشن انهن جي دروازي تي وڃي مدد ۽ تعليم فراهم ڪري رهي آهي. هن ٻارن کي صلاح ڏني ته هو همت ۽ محنت سان پڙهن، هنر سکن ۽ مذهبي ۽ اخلاقي تربيت کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائين، ڪنهن به قدرتي آفت يا انساني بحران جي وقت، پوري جماعت اسلامي رضاڪارانه طور تي انسانيت جي خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.