واشنگٽن/تهران (م ڊ) آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايران آبنائي هرمز مان تيل جي جهازن کي گذرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ ”چيني يوان“ ۾ واپار جي شرط رکڻ تي غور ڪري رهيو آهي. عام طور تي تيل جو عالمي ڪاروبار ڊالر ۾ ٿيندو آهي، پر ايران جي هن قدم سان ڊالر جي بالادستي کي وڏو ڌڪ لڳي سگهي ٿو. ٻئي طرف، يورپي ملڪ فرانس ۽ اٽلي پنهنجا جهاز بحفاظت گذارڻ لاءِ ايران سان سڌو رابطو ڪيو آهي. ان دوران، تيل جي امڪاني کوٽ کي نظر ۾ رکندي ملڪ اندر پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڪري ۾ ڪفايت شعاريءَ جو خاص منصوبو پڻ شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن ذخيرن کي گهڻي وقت تائين هلائي سگهجي.