اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وچ اوڀر جي جنگ سبب پيدا ٿيندڙ معاشي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت بچت وارن اپائن جي منظوري ڏني وئي آهي. فيصلي موجب، سرڪاري ملازمن ۽ خودمختيار ادارن جي آفيسرن جي پگهارن ۾ 5 کان 30 سيڪڙو تائين ڪٽوتي ڪئي ويندي. ان سان گڏوگڏ، ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وزيرن، صلاحڪارن ۽ مددگارن جي پگهارن تي پابندي ۽ سندن پرڏيهي دورن کي به ختم ڪيو ويو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري گاڏين جي استعمال ۾ 50 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي وڃي ۽ اهي سموريون بچت واريون رقمون عوام کي مهانگائي کان بچائڻ لاءِ استعمال ڪيون وينديون. اجلاس ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن تي اثر ۽ حڪومتي بچت جي قدمن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته بچت مهم ذريعي حاصل ٿيندڙ هر رپيو عوامي ريليف لاءِ استعمال ڪيو ويندو. وزيراعظم واضح ڪيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽوتي ۽ سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي جو مقصد موجوده معاشي صورتحال ۾ عوام کي سڌو سنئون فائدو پهچائڻ آهي. اجلاس ۾ اهو به طئي ٿيو ته پوليس، رينجرز ۽ ايف بي آر جا ملازم پنهنجي پراڻي شيڊيول موجب ڪم جاري رکندا، جڏهن ته ٻين کاتن ۾ بچت جي اپائن جي نگراني لاڳاپيل سيڪريٽري پاڻ ڪندا. اجلاس ۾ وفاقي وزير عطا تارڙ، محمد اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته ڪارپوريشنن ۽ ٻين ادارن ۾ سرڪاري نمائندا بورڊ جي اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ فيس نه وٺندا ۽ هي فيس بچت جي رقم ۾ شامل هوندي. چار ڏينهن وارو هفتو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ايف بي آر تي لاڳو نه ٿيندو، انهن ادارن جا ملازم پنهنجي پراڻي طريقيڪار مطابق پنهنجا فرض انجام ڏيندا. وزيراعظم سڀني پاڪستاني سفارتخانن کي هدايت ڪئي آهي ته 23 مارچ جي تقريب کي انتهائي سادگي سان ملهايو وڃي. وزيراعظم چيو ته سرڪاري آفيسرن، وزيرن، مملڪتي وزيرن ۽ خاص مددگارن جي پرڏيهي دورن تي مڪمل پابندي هوندي، سيڪريٽري روزاني جي بنياد تي جائزو ڪميٽي کي رپورٽون پيش ڪندا.