ادبي ادارن جي خودمختياري

پروفيسر توصيف احمد

بلوچستان حڪومت صوبي جي چئن اهم ٻولين بلوچي، پشتو، براهوئي ۽ هزارگي جي اڪيڊمين جي خودمختياري ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن مقصد لاءِ مجاز اختيارين جي هدايت تي حڪومت بلوچستان اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ماتحت موجود انهن چار ٻولين جي اڪيڊمين ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ 21 جولاءِ 2026ع تي سيڪريٽري ڪلچرل ٽورازم اينڊ آرڪائيوز جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ اختيارن واري ڪميٽي قائم ڪئي. هن ڪميٽي جون سفارشون بلوچستان جي ڪابينا منظور ڪري ورتيون آهن. انهن سفارشين تحت بلوچستان ريجنل لئنگويجز اڪيڊميز اينڊ لٽريري سوسائٽي ايڪٽ 2025 منظور ڪيو ويو آهي.

هن قانون موجب انهن اڪيڊمين جي نگراني لاءِ هڪ بورڊ قائم ڪيو ويندو. بورڊ جو چيئرمين تعليم وارو وزير هوندو، جڏهن ته وائيس چيئرمين اسڪول ايجوڪيشن جو سيڪريٽري هوندو. بورڊ ۾ هائر ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري، فنانس سيڪريٽري ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري به شامل هوندا. ان کان علاوه بلوچستان يونيورسٽي ۾ بلوچي، براهوئي، هزارگي ۽ پشتو ٻولين جي شعبن جا سربراهه به بورڊ جا ميمبر هوندا. چارئي اڪيڊمين جا چيئرمين به بورڊ ۾ شامل ڪيا ويندا، جڏهن ته هر ٻوليءَ جو هڪ ماهر پڻ بورڊ جو حصو هوندو. هن بورڊ کي اڪيڊمين جي انتظامي معاملن بابت سڀ فيصلا ڪرڻ جو اختيار هوندو، جنهن سبب اڳ واري خودمختياري عملي طور ختم ٿي ويندي. بلوچستان صديون پراڻي لسانِي ۽ ثقافتي تنوع جي سرزمين آهي. هتي ڳالهايون ويندڙ ٻوليون جهڙوڪ بلوچي، پشتو، براهوئي، جدگالي ۽ هزارگي رڳو رابطي جو ذريعو نه پر تاريخ، سڃاڻپ ۽ اجتماعي شعور جي علامت آهن. انهن ٻولين جي واڌاري ۽ تحفظ لاءِ قائم ادبي ۽ تحقيقي ادارن محدود وسيلن باوجود اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت پاران پيش ڪيل هن بل ادبي حلقن ۾ ڳڻتي جي نئين لهر پيدا ڪئي آهي.

تازو ڪوئيٽا ۾ بلوچي اڪيڊمي جي ميزباني هيٺ ادبي ۽ لسانِي ادارن جو هڪ هنگامي گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت چيئرمين هيبتان عمر ڪئي. اجلاس ۾ پشتو اڪيڊمي، براهوئي اڪيڊمي ۽ هزارگي اڪيڊمي سميت ٻين ادارن جا نمائندا به شامل ٿيا. گڏجاڻي ۾ متفقه طور خدشو ظاهر ڪيو ويو ته مجوزه بل ادبي ادارن جي خودمختياري ختم ڪري انهن کي ڪلچر ۽ اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ڪنٽرول هيٺ آڻڻ جي ڪوشش آهي. ادبي ادارا صرف سرڪاري آفيسون نه هوندا آهن، بلڪه اهي فڪري آزادي ۽ تخليقي اظهار جا مرڪز هوندا آهن. انهن ادارن جي اصل طاقت انهن جي خودمختياري ۾ هوندي آهي، جيڪا انهن کي سرڪاري دٻاءُ ۽ بيوروڪريٽڪ رڪاوٽن کان آزاد رکي ٿي. اهڙي آزادي سبب اهي ٻولين جي تحقيق، لغت سازي، نصابي مدد، ڪلاسيڪي ادب جي اشاعت ۽ نئين نسل جي تربيت جهڙا ڪم مؤثر طريقي سان انجام ڏئي سگهن ٿا.

گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته مجوزه بل نه صرف ادبي ادارن جي آزادي کي متاثر ڪندو پر 1860ع جي سوسائٽي ايڪٽ جي روح جي به ابتڙ آهي، جنهن تحت اهي ادارا خودمختيار تنظيم طور ڪم ڪندا رهيا آهن. پشتو اڪيڊمي جي چيئرمين ڊاڪٽر حافظ رحمت نيازي نشاندهي ڪئي ته پاڪستان جو آئين هر قوم کي پنهنجي ثقافت، ٻولي ۽ سڃاڻپ جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، تنهنڪري بغير مشاورت قانون سازي جمهوري قدرن جي خلاف آهي. حڪومت شايد اهو دليل ڏئي ته ادارن کي سرڪاري انتظام هيٺ آڻڻ سان مالي ۽ انتظامي شفافيت وڌندي. پر سوال اهو آهي ته ڇا ماضي جو تجربو هن دعويٰ جي حمايت ڪري ٿو؟ ڪلچر ڊپارٽمينٽ هيٺ بلوچستان آرٽ ڪائونسل جي غيرفعاليت ۽ تعليمي شعبي جي موجوده صورتحال ڏيکاري ٿي ته صرف سرڪاري ڪنٽرول مسئلن جو حل نه آهي.

براهوئي اڪيڊمي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر سوسن براهوئي چيو ته جڏهن تعليم ۽ ثقافت جا کاتا هر سال اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود صوبي جي تعليمي پسماندگي ختم نه ڪري سگهيا آهن ته ادبي ادارن کي سرڪاري بورڊ آف گورنرز جي ماتحت ڪرڻ سان شايد انهن جي ڪارڪردگي وڌيڪ سست ٿي وڃي. بلوچستان ۾ اڄ به لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. اهڙي صورتحال ۾ ٻولين جي ترقي جو بار به انهن ئي ادارن تي وجهڻ سوال پيدا ڪري ٿو. بلوچستان ۾ ٻولي رڳو ثقافتي مسئلو نه پر سياسي ۽ سماجي حساسيت به رکي ٿي. هتي جون ٻوليون ڊگهي عرصي تائين قومي بيانيي ۾ نظرانداز ٿينديون رهيون آهن. ادبي ادارن هن خال کي ڀرڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪيو آهي. لغتن جي تياري، ڪلاسيڪي شاعرن جي ترتيب، جديد ادب جي اشاعت ۽ نوجوان ليکڪن جي همت افزائي جهڙا ڪم بيوروڪريٽڪ فائلن سان نه پر فڪري جذبي سان ٿيندا آهن. بلوچستان اڳ ئي ڪيترن بحرانن جو شڪار آهي ۽ بدامني ختم ٿيندي نظر نٿي اچي. اهڙي وقت سڀ کان اهم ضرورت بلوچ نوجوانن ۽ رياست جي وچ ۾ فاصلو گهٽائڻ آهي.

ڪيترائي بلوچ شاگرد بهتر تعليم لاءِ پنجاب جي ادارن ڏانهن وڃن ٿا. بلوچستان جي ڏکين حالتن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو رجحان اميد جي هڪ ڏيئي وانگر آهي. جيڪڏهن حڪمران انهن شاگردن کي بهتر سهولتون فراهم ڪن ته اها اميد روشن مينارن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ادبي ادارن ۾ تخليقي علم تڏهن وڌندو آهي جڏهن اهي رياستي ڪنٽرول کان آزاد هوندا آهن. جڏهن ادبي ادارا سرڪاري ڪنٽرول ۾ اچي وڃن ٿا ته تخليقي صلاحيتون محدود ٿي وڃن ٿيون. مثال طور اڳوڻي صدر ايوب خان جي دور ۾ قائم ڪيل رائيٽرز گلڊ جڏهن مڪمل طور سرڪاري ٿي وئي ته ان جو اثر گهٽجي ويو. ساڳي طرح اڪادمي ادبيات پاڪستان ۽ اردو ڊڪشنري بورڊ جهڙا ادارا به بيوروڪريسي جي ڪنٽرول ۾ اچڻ بعد پنهنجي حقيقي مقصد کان پري ٿي ويا. ان ڪري ضروري آهي ته بلوچستان جي ادبي ادارن جي خودمختياري برقرار رکي وڃي، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت انهن کي مالي مدد فراهم ڪندي رهي. جيڪڏهن انهن ادارن کي مڪمل طور سرڪاري تحويل ۾ آندو ويو ته خدشو آهي ته تخليقي سرگرميون روايتي سرڪاري طريقن جي ور چڙهي وينديون. فن ۽ ادب جي دنيا حڪمن سان نه پر تخليق ۽ مڪالمي سان اڳتي وڌندي آهي.

سرڪاري ڍانچي ۾ شامل ٿيڻ بعد بجيٽ، مقرريون ۽ پاليسيون سياسي اثر هيٺ اچي سگهن ٿيون، جيڪو ادبي آزادي لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جو بنيادي اعتراض اهو به هو ته بل جي تياري دوران لاڳاپيل ادارن سان ڪا باضابطه مشاورت نه ڪئي وئي. ادبي حلقن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت واقعي ٻولين جي واڌاري ۾ سنجيده آهي ته کيس ادارن کي مضبوط ڪرڻ، مالي مدد وڌائڻ ۽ تحقيقي منصوبن جي سرپرستي ڪرڻ گهرجي، نه ته انهن جي انتظامي ڍانچي کي تبديل ڪري سرڪاري ڪنٽرول هيٺ آڻڻ گهرجي. هڪ متوازن حل اهو ٿي سگهي ٿو ته شفافيت ۽ احتساب لاءِ گڏيل مشاورتي بورڊ قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ حڪومت جي نمائندن سان گڏ ادبي شخصيتون ۽ لسانيات جا ماهر به شامل هجن. اهڙي طرح ادارن جي خودمختياري به برقرار رهندي ۽ سرڪاري نگراني به ممڪن هوندي. ان کان علاوه مقامي ٻولين کي نصاب ۾ مؤثر نموني شامل ڪرڻ، ڊجيٽل آرڪائيو ٺاهڻ ۽ نوجوان نسل کي مقامي ٻولين جي تعليم سان ڳنڍڻ وڌيڪ فائديمند قدم ثابت ٿي سگهن ٿا. ٻولين جي ترقي جو اصل رستو انتظامي ڪنٽرول نه پر تعليمي ۽ سماجي شموليت آهي.

اجلاس جي آخر ۾ گڏيل قرارداد ذريعي بلوچستان حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته بلوچستان ريجنل لئنگويجز بل 2025 واپس ورتو وڃي ۽ ادبي ادارن سان بامعنيٰ مشاورت ڪئي وڃي. اهو مطالبو رڳو ادارن جي مفاد لاءِ نه پر صوبي جي لساني سڃاڻپ ۽ ثقافتي بقا لاءِ اهم آهي. بلوچستان جي سياسي ۽ ادبي معاملن جي ماهر ۽ ڪيترن ڪتابن جي ليکڪ عزيز سنگهور موجب ٻوليون قومن جي روح هونديون آهن، ۽ جيڪڏهن انهن جي حفاظت ڪندڙ ادارن جي آزادي ختم ڪئي وڃي ته تخليقي عمل ڪمزور ٿي وڃي ٿو.ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته هن حساس مسئلي کي سياسي جلدي بدران سنجيده فڪري انداز سان ڏسي. بلوچستان جي لساني ورثي کي مضبوط ڪرڻ جو رستو گڏيل مشاورت ۽ اعتماد مان گذري ٿو، نه ته هڪ طرفي سرڪاري فيصلن مان. وقت جو تقاضو آهي ته قانون سازي کان اڳ مکالمو ڪيو وڃي ۽ اهڙا حل ڳوليا وڃن جيڪي واقعي ٻولين جي واڌاري لاءِ مددگار ثابت ٿين. ٻي صورت ۾ خدشو آهي ته سٺي نيت سان کنيل قدم به لساني ۽ ادبي زوال جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.