ڪراچي پريس ڪلب آڏو شايان بلوچ جي قتل خلاف احتجاج

ڪراچي (رپورٽر ) گذري پوليس مقابلي ۾ قتل ٿيل شايان بلوچ جي وارثن پاران ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي ڪئي ۽ شفاف جاچ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو، وارثن جو موقف هو ته شايان بلوچ کي جعلي پوليس مقابلي ۾  قتل ڪيو ويو آهي، واقعي ۾ ملوث ايس ايڇ او گذري اصغر خانگو سميت ٻين پوليس اهلڪارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، هنن سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي قتل جي آزاداڻي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.