بمباري ڊيڄاري نٿي سگهي:يوم القدس جي ريلين دوران ايراني عوام جو عزم

تهران (م ڊ) ايران ۾ فلسطيني عوام سان ايڪي جي اظهار لاءِ ملهايل يوم القدس جي موقعي تي لکين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. ريلين دوران آمريڪا ۽ اسرائيل پاران تهران تي ڪيل حملن باوجود  شهرين جو حوصلي بلند رهيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته بمباري ۽ قتل عام ذريعي کين پنهنجي مقصد تان هٽائي نٿو سگهجي. مظاهرين چيو ته ظلم هميشه ختم ٿيندو آهي، اسان پنهنجي رهبر سان گڏ بيٺل آهيون ۽ اسرائيل جي خاتمي تائين هي جدوجهد جاري رهندي. يوم القدس جي ريلين دوران ئي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران تهران جي مختلف علائقن تي فضائي حملا ڪيا ويا، پر ان جي باوجود هزارين ماڻهو انقلاب اسڪوائر تي موجود رهيا. ايراني شهرين موجب، هنن آمريڪا ۽ اسرائيل سان مهاڏو اٽڪائي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ظلم جي ڀت کي ٽوڙڻ ممڪن آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.