اسلام آباد/ڪوئيٽا/ڪوهاٽ (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ڊرون هٿ اچڻ ۽ ڪيرائڻ جا واقعا پيش آيا آهن، جنهن کانپوءِ سڪيورٽي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. اسلام آباد جي فضائي حدن کي ڪجهه دير لاءِ بند ڪرڻ بعد ٻيهر کوليو ويو، جڏهن ته ڪوئيٽا ۽ ڪوهاٽ ۾ ڊرون ڪرڻ سبب ٻارڙن سميت شهرين جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. سيڪٽر آءِ نائن ۽ فيض آباد ويجهو ٻن ڊرونز کي اليڪٽرانڪ اوزارن (ڊرون جئمرز) جي مدد سان ناڪارا بڻائي ڪيرايو ويو. سڪيورٽي ذريعن موجب انهن ڊرونز مان ڪو جاني نقصان نه ٿيو آهي، پر حفاظتي طور تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي اڏامون ڪجهه دير لاءِ معطل ڪيون ويون هيون. ڪوئيٽا جي علائقي سره غوڙگئي ۾ هڪ گهر تي ڊرون ڪرڻ سبب ملبي هيٺ اچي 2 ٻارڙيون زخمي ٿي پيون، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي ته ڊرون ڪٿان آيو هو. افغانستان جي طالبان حڪومت جي دفاع واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته هنن ڪوهاٽ ڇانوڻي کي نشانو بڻايو آهي. جڏهن ته ڪوهاٽ پوليس جو چوڻ آهي ته اينٽي ڊرون سسٽم ذريعي شڪي ڊرون جا سگنل ڄام ڪيا ويا، جنهن ڪري اهو زمين تي ڪري پيو. ملبو ڪرڻ سبب 2 شهري زخمي ٿيا آهن. گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ پوليس پاران ناڪابندي ڪئي وئي آهي، خاص طور تي انڊسٽريل ايريا ۽ آئي نائن سيڪٽر ۾ سرچ آپريشن جاري آهي. هوڏانهن اطلاعات واري وزارت افغان طالبان پاران ڪوهاٽ ۾ پاڪستاني فوجي هدفن کي نشانو بڻائڻ واري دعويٰ کي رد ڪندي ان کي پروپيگنڊا قرار ڏنو آهي. ترجمان موجب، 13 مارچ جي صبح افغان طالبان سان لاڳاپيل عنصرن ڪوهاٽ ۾ 3 سادي نوعيت جا ڊرون استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي پاڪستاني فوج پنهنجي جديد اليڪٽرانڪ وارفيئر نظام ذريعي فضا ۾ ئي ناڪاره بڻائي ڪيريائي ڇڏيو. ڊرون جو ملبو ڪرڻ سبب 2 شهري زخمي ٿيا، پر ڪنهن به فوجي اڏي، ڪمانڊ سينٽر يا آفيس کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي. ٻئي پاسي سول ايوي ايشن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ايئرپورٽ بند ٿيڻ بابت خبرون رڳو افواهه آهن، فلائيٽ آپريشن مڪمل طور تي بحال آهي.