حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي سرگرم اڳواڻ ڪاشف باغي جو مٿي ۾ گولي لڳل لاش هٿ آيو، پوليس شاھديون گڏ ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، پونم چوڪ ويجھو واڌو واھ روڊ تي واقع سنڌ ڪاٽيجز پلازه جي چوٿين ماڙ تي واقع فليٽ مان ڪاشف قائمخاني عرف ڪاشف باغي جو گولي لڳل لاش هٿ آيو، گھرڀاتين جي اطلاع تي پوليس پھچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پئي ويو ته ڪاشف ان ئي پلازا جي ھڪ فليٽ ۾ گھرڀاتين سميت رھندو آھي ان ئي پلازا جي چوٿين ماڙ تي واقع ھڪ فليٽ ۾ ھو دوستن سان گڏ ويھندو ھو، گذريل رات به ھو دوستن سان ان فليٽ ۾ ھو، ڪالھه منجھند تائين گھر نه اچڻ تي گھرڀاتي مٿي فليٽ ۾ ويا جتي فليٽ بند ھو، بعد ۾ ھنن پاڙيسرين سان گڏجي دروازو ٽوڙيو ته اندر ڪاشف جو لاش پيل ھو کيس مٿي ۾ گولي لڳل ھئي، ان تي قاسم آباد پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جنھن تي پوليس پھچي لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ۽ فليٽ ۾ شاھديون گڏ ڪيون، ھوڏانھن سول اسپتال ۾ ڪاشف باغي جا گھرڀاتي ۽ دوست وڏي انگ ۾ پھتا، جتي پوليس پوسٽ مارٽم ڪرائي شام ڌاري لاش وارثن حوالي ڪيو جيڪي ھو گھر کڻائي ويا، ٻئي طرف پوليس جو چوڻ هو ته واقعو ذاتي رنجش لڳي پيو، واقعي واري هنڌ تان شاھديون گڏ ڪرڻ سان گڏ جاچ شروع ڪئي وئي آھي.