واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس ڪابينا ايران خلاف فوجي ڪارروائي جي رٿابندي دوران امڪاني ردعمل جا غلط اندازا لڳايا، جنهن ڪري هاڻي آمريڪا کي سخت معاشي ۽ توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. رپورٽ موجب، پينٽاگون ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ايران پاران آبنائي هرمز بند ڪرڻ واري امڪان کي سڀ کان گهٽ اهميت ڏني هئي. هاڻي ان اهم سامونڊي رستي جي بندش سبب عالمي معيشت کي وڏو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. صدر ٽرمپ مالي ۽ توانائي جي ماهرن جي تجزين کي نظرانداز ڪندي رڳو پنهنجن ويجهن صلاحڪارن تي ڀروسو ڪيو. جنهن ڪري ايران جي جوابي ڪارروائي جي شدت جو درست اندازو نه لڳائي سگهيو. صدر ٽرمپ تيل جي قيمتن ۾ اضافي کي وڏي اهميت نه ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا دنيا جو سڀ کان وڏو تيل پيدا ڪندڙ ملڪ آهي، تنهنڪري قيمتن جي وڌڻ سان آمريڪا کي مالي فائدو به ٿي سگهي ٿو.