لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان لاهور ۾ جمعي جي ميڙ کي خطاب ڪندي حڪمران طبقي تي سخت تنقيد ڪئي ۽ ايران، فلسطين توڙي ڪشمير جي عوام سان ايڪي جو اظهار ڪيو. حافظ نعيم الرحمان چيو ته ملڪ جا حڪمران آمريڪا جا ذهني غلام آهن، جيڪي واشنگٽن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي عوام تي ظلم ڪن ٿا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سميت وڏين سياسي پارٽين ڪڏهن به آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ناهي ڪئي. هن ايران جي قيادت ۽ عوام جي ثابت قدمي کي ساراهيندي چيو ته ايران جنهن نموني فلسطينين جي مدد ڪئي آهي، اها بي مثال آهي. هن چيو ته ايران جي عوام کي اهڙي تربيت ڏني وئي آهي جو اهي بمباري کان نٿا ڊڄن. جماعت اسلامي امير واضح ڪيو ته جيڪي ماڻهو شيعا ۽ سني جي نالي تي فرق پکيڙين ٿا، اهي اصل ۾ ظالم جا ايجنٽ آهن. هن زور ڏنو ته پاڪستان جنهن نظريي تي ٺهيو هو، اهو نظام اڃا تائين قائم ناهي ٿي سگهيو. ملڪ کي موجوده ظالم نظام ۽ ان جي محافظن کان نجات ڏيارڻ ضروري آهي. حافظ نعيم نئين نسل کي قرآن ۽ سنت سان ڳنڍڻ ۽ کين بهترين تعليم ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو.