اتر ڪوريا پاران ايران تي حملن جي مذمت

پيانگ يانگ(عوامي آواز نيوز)اتر ڪوريا طرفان مجتبيٰ خامنه اي  کي ايران جو نئون سپريم ليڊر مقرر ٿيڻ جي حمايت ڪندي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي ڪيل حملن جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي.سرڪاري خابرو اداري ڪي سي اين اي  موجب پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ايران جي نئين سپريم ليڊر جي چونڊ کان پوءِ اسان ايراني عوام جي پنهنجي سپريم ليڊر چونڊڻ جي حق ۽ سندن فيصلي جو احترام ڪريون ٿا.ترجمان وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي ڪيل غيرقانوني فوجي حملا علائقائي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائي رهيا آهن ۽ عالمي سطح تي عدم استحڪام وڌائي رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته اتر ڪوريا هن جارحيت تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي ان جي سخت مذمت ڪري ٿو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.