تهران/تل ابيب/واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران تي حملا جاري آهن جڏهن ته اسرائيلي عهديدارن دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جو نئون چونڊيل سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي تازن حملن دوران زخمي ٿي پيو آهي. اسرائيلي عهديدار دعويٰ ڪئي آهي ته انٽيليجنس رپورٽن موجب ايران جو نئون چونڊيل سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي گذريل ڏينهن اسرائيلي حملي ۾ معمولي زخمي ٿيو هو.مجتبيٰ خامنه اي جي زخمي ٿيڻ وارين خبرن تي ايران جي حڪومتي صلاحڪار يوسف پزشڪيان وضاحت ڪئي ته مجتبيٰ خامنه اي بلڪل محفوظ ۽ خيريت سان آهي، ايراني سرڪاري ٽي وي مجتبيٰ خامنه اي کي رمضان جنگ جو زخمي مجاهد قرار ڏنو هو. دبئي ميڊيا آفيس جو چوڻ آهي ته دبئي ايئرپورٽ ويجهو ٻه ڊرون ڪِري پيا ۽ ان واقعي ۾ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. اسرائيل تهران ۾ وڏي پئماني تي حملن جو دعويٰ ڪئي آهي. رپورٽن موجب، ايران جي گادي واري شهر تهران جي مرڪزي علائقي ۾ زوردار ڌماڪا ٻڌا ويا، هڪ حملي ۾ بئنڪ کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ هڪ ملازم شهيد ٿي ويو. ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا ۽ اسرائيل لڳ ڀڳ 10 هزار شهري هنڌن کي نشانو بڻائي چڪا آهن، جڏهن ته هينئر تائين 1300 کان وڌيڪ شهري شهيد ٿي چڪا آهن. ايران اسرائيل جي بن گوريان ايئرپورٽ تي ميزائلن جو ميِنهُن وسائي ڇڏيوهڪٻئي پٺيان ميزائل ايئرپورٽ تي ڪِريا جنهن سبب پري پري تائين ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، باهه جا شعلا به بلند ٿيندي ڏٺا ويا، ڪجهه ميزائل روڪڻ کانسواءِ اسرائيل جو ايئر ڊفينس سسٽم ناڪام رهيو ۽ پوءِ سائرن جون آواز گونجندا رهيا. ايران اربع تي اسرائيل ۽ علائقي جي ٻين هنڌن تي حملا ڪيا، جڏهن ته بحري سيڪيورٽي نگرانن جي مطابق، نار ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي واپاري جهاز نامعلوم حملن جو شڪار ٿيا جنهن سان جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي متاثر ٿيندڙ جهازن جو ڪل تعداد 14 ٿي ويو. برطانوي نيوز ايجنسي رائٽرز جي مطابق، ايران اسرائيل ۽ وچ اوڀر ۾ مختلف هدفن تي حملا ڪيا آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪي ۽ اسرائيلي هوائي حملي جي باوجود، تهران اڃا تائين جوابي ڪارروائي ڪرڻ ۽ توانائي جي فراهمي کي متاثر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. رائل ٿائي نيوي ٿائي رجسٽرڊ ڪارگو جهاز ميوري ناري تي حملي جي تصديق ڪئي.ڪنٽينر جهاز ون ميجسٽي جاپان ۾ رجسٽرڊ آهي ۽ ان تي حملو ڪيو ويو جڏهن اهو يو اي اي جي بندرگاهه شهر راس الخيمه کان 29 ميل (47 ڪلوميٽر) اتر ۾ هو. حملي ۾ جهاز ۾ 10 سينٽي ميٽر (4 انچ) سوراخ ٿي ويو. جهاز هاڻي هڪ محفوظ بندرگاهه ڏانهن وڃي رهيو آهي. ٻيو جهاز، اسٽار گوينٿ، مارشل ٻيٽن ۾ رجسٽرڊ آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته حملو دبئي کان 57 ميل (92 ڪلوميٽر) اتر ۾ هڪ نامعلوم ذريعن طرفان ڪيو ويو، جنهن سبب نقصان ٿيو پر عملو محفوظ رهيو. آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ايران جي پرڏيهي صلاحڪار ڪمال خرازي چيو ته پنج هزار سال پراڻي ايراني تهذيب ۽ ثقافت سان مالا مال ايرانين کي شيعه نظريي ۽ اسلامي تصوف مان مضبوطي ملي آهي.هن چيو ته ڊگهي جنگ جي صلاحيت نه هئڻ واري ڳالهه آمريڪي پروپئگينڊا آهي، ٽرمپ کي ايرانين جي خبر ناهي انڪري هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي . ايران اسرائيل ۾ آمريڪي اڏن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ تل ابيب ۽ حيفا، عراق ۽ بحرين شامل آهن .ايراني حملي جي 37 هين لهر کي ڪڏهن به سڀ کان طاقتور حملو قرار ڏنو پيو وڃي. ايران جي انقلابي گارڊز مسلسل ٽن ڪلاڪن تائين آمريڪي ۽ اسرائيلي هدفن تي ميزائل ۽ ڊرون فائر ڪيا، جنهن ۾ جديد ‘خرماش’ ميزائلن جو استعمال شامل آهي. حملي کي ايران جو ڪڏهن به سڀ کان طاقتور حملو قرار ڏنو پيو وڃي. ايراني نيوز ايجنسي موجب، حملي ٽن ڪلاڪن تائين ‘آپريشن وعد صادق’ جي 37 هين لهر جي طور تي جاري رهيا. جنهن ۾ ايراني فورسز جديد ميزائلن سان ڪيترن ئي اسرائيلي فوجي جڳهن ۽ علائقي ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو.پاسدارن انقلابي گارڊز جي ترجمان موجب، ايراني حملن ۾ ٻئي ڀيري تل ابيب جي ڏکڻ علائقي ۾ هڪ سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن سينٽر کي نشانو بڻايو ويو. انهن حملن ۾ اسرائيلي شهرن تل ابيب، حيفا ۽ اولهه يروشلم ۾ اسرائيلي هنڌ، انهي سان گڏ عراق ۾ اربيل، بحرين ۽ مناما ۾ آمريڪي اڏا شامل هئا.بيان موجب، انهن حملن ۾ خيبر شڪان، قدر ۽ خرمشهر ميزائل استعمال ڪيا ويا. اهي ميزائل ڪيترن ئي وار هيڊز سان ليس هئا، جڏهن ته قدر ميزائل جي وار هيڊ جو وزن لڳ ڀڳ هڪ ٽن ٻڌايو وڃي ٿو.انقلابي گارڊز واضح ڪيو آهي ته ايراني فوجون آمريڪي ۽ اسرائيلي هدفن جي خلاف جوابي ڪارروائي جاري رکنديون جيستائين دشمن مڪمل طور تي شڪست نه کائي وڃي.اهي حملا اربع جي رات تهران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي سخت هوائي حملي کان پوءِ ٿيا.عرب ميڊيا موجب، تازو هوائي حملو مهرآباد ايئرپورٽ ۽ تهران ۾ ٻين هدفن تي ڪيو ويو. ايراني عملدارن موجب، اسرائيل شهري انفراسٽرڪچر تي حملو ڪيو، جنهن ۾ رهائشي ۽ طبي سهولتون شامل آهن.