پاڪستان ٽئڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام، آءِ ايم ايف سان نظر ثاني ٿيل پلان تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ موجوده مالي سال لاءِ نظر ثاني ٿيل معاشي ۽ مالي ڍانچي تي اتفاق راءِ تي پهچي ويا آهن. فريم ورڪ تحت فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جو ٽيڪس وصولي جو هدف جون 2026 تائين گهٽائي 13.45 ٽريلين رپيا ڪيو ويندو. 7 ارب ڊالر جي واڌو فنڊ سهولت (اي ايف ايف) پروگرام تحت اسٽاف ليول معاهدي تي پهچڻ لاءِ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني اختيارين وچ ۾ ورچوئل ڳالهيون جاري آهن. ايف بي آر مالي سال 2025-26 لاءِ آءِ ايم ايف سان متفق ٿيل جي ڊي پي جي 11 سيڪڙو جي ٽيڪس کان جي ڊي پي تناسب جي هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ جو امڪان آهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين اٺن مهينن ۾ ٽيڪس وصولي نظرثاني ٿيل هدف کان 428 ارب رپيا گهٽ رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.