ڪراچي (رپورٽر))سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ حضرت امام علي ابن ابو طالب جي شهادت واري ڏينھن جي موقعي تيعقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته حضرت علي عليھ السلام جون تعليمات عدل، بهادري ۽ انسانيت جي اعليٰ مثال آهن ۽ پوري امتِ مسلمه لاءِ رهنمائي جو روشن مينار آهن، وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته حضرت علي عليھ السلام سدائين حق، انصاف ۽ مظلوم جي حمايت جو درس ڏنو ۽ سندن سيرت مان اسان کي سماج ۾ انصاف، برداشت ۽ اتحاد کي هٿي ڏيڻ جي ترغيب ملي ٿي، يومِ علي عليھ السلام اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته حق ۽ سچ جي راهه تي قائم رهڻ ئي اصل ڪاميابي آهي، امام علي عليھ السلام جي زندگي امتِ مسلمه لاءِ علم، تقويٰ ۽ اتحاد جو روشن مينار آهي ۽ اڄ جي ڏينهن اسان کي سندن تعليمات کي پنهنجي عملي زندگي ۾ اپنائڻ جو عزم ڪرڻ گهرجي، هن عوام کي اپيل ڪندي چيو تھ امن، اتحاد ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪيو وڃي. وڏي وزير دعا ڪئي ته ڌڻي سائين اسان جي ملڪ کي امن، استحڪام ۽ خوشحالي عطا فرمائي.