ملڪ ۾ سون في تولو 3700 رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان ۾ سون جي اگهن ۾ هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولو سون 3700 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 5 لک 43 هزار 262 رپين جو ٿي ويو، ايسوسيئيشن موجب ڏهه گرام سون 3172 رپيا واڌ سان 4 لک 65 هزار 759 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 37 ڊالر واڌ سان 5205 ڊالرن جو ٿي ويو.

  1. شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس 19 مارچ تي طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس 19 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس جي صدارت مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو، جڏهن ته اجلاس ۾ سڀني فرقن جا عالم، موسميات کاتي ۽ لاڳاپيل  ادارن جا نمائندا شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ سڄي ملڪ مان چنڊ ڏسڻ بابت شاهديون وصول ڪيون وينديون ۽ جائزو ورتو ويندو، جنهن کانپوءِ ڪميٽي اعلان ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.