شڪارپورر (رپورٽ: زاھد سنجراڻي) شڪارپور سول اسپتال مان اغوا ٿيل عورت زيادتي کان پوءِ ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٻن سالن بعد راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ڪرايو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ٻه سال اڳ سول اسپتال مان ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل ڳوٺ الله بخش کوسو واسي عورت سھاڳڻ کوسو کي اغوا بعد لکي غلام شاهه واري علائقي ۾زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد کيس ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو، عورت جي اغوا بعد وزير آباد مھر ھائوس تي اڳوڻي وفاقي وزير غوث بخش مهر وٽ اغوا ٿيل عورت جي وارثن کوسا برادري جي ماڻھن ۽ الزام ھيٺ آيل ٻرڙا برادري جي نياز ٻرڙو ۽ ٻين ۾ ڳالھيون ٿيون جتي ٻرڙا برادري جي ماڻھن ھفتي جي مھلت وٺي عورت کي واپس ڪرائڻ جو وقت گھريو جنھن بعد اغوا ٿيل عورت سھاڳڻ کوسو کي ڪچي مان واپس ڪري ڄامڙا لڳ نامعلوم ماڻھو ڇڏي فرار ٿي ويا، بازياب ٿيل سھاڳڻ کوسو کي پوليس حوالي ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ٿيل عورت جي وارثن عبدالجبار کوسو ۽ ٻين پريس ڪلب پھچي اغوا ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، عورت جي وارثن دانھيندي عبدالجبار کوسو ڀڍل کوسو چيو ته اسان جي عورت کي اسپتال مان نشو ڏئي ٻرڙا برادري سان تعلق رکندڙ نياز ٻرڙو ساٿين سان گڏجي اغوا ڪيو، زيادتي کان پوءِ عورت کي وڪرو ويو، عورت کي ٻرڙا برادري جي ماڻھو جي اغوا جي نشاندهي ملي جنھن کانپوءِ مٿس ڪيس داخل ڪرايوسين، راڄوڻي ڪوششن کان پوءِ عورت آزاد ٿي آهي، متاثر عورت سھاڳڻ کوسو عوامي آواز آڏو دانھيندي چيو ته پھنجي ڳوٺ شير ڪوٽ مان اسپتال آيس جتي داخل ڪيو ويو مان اسپتال مان ٻاھر ڪجھه وٺڻ لاءِ نڪتس ته مون کي ڪار سوار ھٿياربندن نشو ڏئي اغوا ڪري ڪري ھڪ جڳھه تي رکيو جتي زيادتي ڪئي وئي ٽن ڏينھن بعد وري نشو ڏئي ڪچي ڌاڙيلن وٽ پھچائي اتي وڪرو ڪيو ويو، جانو جتوئي مينھن کپائي مون کي خريد ڪيو مولوي گھرائي نڪاع پڙھائي زبردستي شادي ڪرائي وئي، مون شادي ڪندڙ کي منٿون ڪيون ته مان شادي شده آھيان، هن منھنجي ھڪ نه ٻڌي گھر جو ڪم ڪار لابارو مال جو گاھ ڪرائيندا ھئا، عورتون ۽ مرد گڏجي تشدد ڪندا هئا، ظلم ٿيو آهي، انصاف ڪيو وڃي.