سنڌ ۾ تيل گئس ذخيرن باوجود نه گئس آهي نه مقامي ماڻهن کي روزگار:پ پ ايم اين اي

اسلام آباد(بيورو)پ پ ايم اين اي ذوالفقار بچاڻي چيو آهي ته مون ماضي ۾ به پنهنجي ضلعي بابت آواز اٿاريو هو، پر ڪا به ٻڌڻي نه ٿي. ٽنڊو الهيار ضلع سنڌ ۾ تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ وڏن ضلعن مان هڪ آهي ،گهوٽڪي،سانگهڙ ۽ بدين کانپوءِ  چوٿون وڏو پيداواري ضلعو شمار ٿئي ٿو، پر افسوس جو اڄ تائين گئس جي سهولت جي حق کان محروم آهي،هن چيو ته هي منهنجو اسيمبلي ۾ ٻيو مدو آهي،مون ماضي ۾ پنهنجي ضلعي جي حوالي سان آواز اٿاريو هو پر ان تي ڪو به عملدرآمد نه ٿيو،هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو به آيل آهي ته جنهن علائقي ۾ تيل ۽ گئس نڪري اتي 5 ڪلوميٽر جي حدن ۾ گئس ڏيڻ گهرجي، اسان جي ضلعي جي گئس جو حق بدين ضلعو کڻي وڃي رهيو آهي، ٻيو ضلعي ۾ موجود آئل ۽ گئس ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي روزگار نه پيون ڏين،هن چيو ته سنڌ ملڪ کي 60 سيڪڙو گئس فراهم ڪري ٿي،اسان جي ضلعي ۾ 12 ڪلاڪن تائين گئس جي لوڊشيڊنگ هلي رهي آهي،ٻيو حيسڪو پاران اسان جي ضلعي ۾ 13 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي،جيڪي بل ادا ڪري رهيا آهن اهي به ڀوڳي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.