اسلام آباد(علي مصطفيٰ) ناليواري معاشي ماهر ثاقب شيراني چيو آهي ته تازو ڪجهه جهاز خام تيل ۽ پيٽروليم مصنوعات کڻي پاڪستان پهتا آهن، تنهن ڪري هن وقت اسٽاڪ جي صورتحال نسبتاََ مستحڪم لڳي ٿي. پر جيڪڏهن وچ اوڀر ۾ جنگ ڊگهي ٿي وئي ته مستقبل ۾ تيل جي فراهمي متاثر ٿي سگهي ٿي،هن چيو ته حڪومت جو چوڻ آهي ته پيٽروليم ليوي وڌائي وئي آهي. هاڻي پيٽرول تي تقريباً 105 رپيا في ليٽر ليوي ٿي وئي آهي. مجموعي طور پيٽرول ۽ ڊيزل تي لڳ ڀڳ 55 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي.ڪجهه مبصر چون ٿا ته حڪومت سٺو قدم کنيو، پر حقيقت ۾ حڪومت جو ڪم عوام تي “پيٽرول بم” ڪيرائڻ ناهي. حڪومت جو فرض هوندو آهي ته عوام کي رليف ڏئي.اصل مسئلو اهو آهي ته ايف بي آر جي ٽيڪس وصولي ۾ وڏو خسارو اچي رهيو آهي، جيڪو تقريباً هڪ کان 1.2 ٽريلين رپين تائين ٿي سگهي ٿو. انهي خساري کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت عوام تي اضافي ٽيڪس وجهي رهي آهي.ثاقب شيراني مطابق حڪومت جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت وڌڻ سان مهانگائي صرف 0.2 يا 0.3 سيڪڙو وڌندي، پر حقيقت ۾ اثر ان کان گهڻو وڌيڪ ٿيندو.جيڪڏهن مهانگائي وڌيڪ وڌي وڃي ته عام خاندان جي خريداري قوت تمام گهٽجي ويندي. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن خاندان جي ماهوار آمدني 50 هزار رپيا آهي ته مهانگائي سبب سندن خريداري قوت تقريباً 10 هزار رپيا گهٽجي سگهي ٿي.ان جو مطلب اهو ٿيندو ته گهر جو سربراهه مجبور ٿيندو ته ٻارن جي اسڪول فيس گهٽ ڪري يا اسڪول تبديل ڪري،دوائن تي خرچ گهٽائي موٽر سائيڪل بدران پنڌ يا گهٽ سفر ڪري گهٽ معيار جو کاڌو يا تيل خريد ڪري،اهي سڀ حقيقي فيصلا آهن جيڪي عام ماڻهو روز ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا،هن چيو ته حڪومت جو چوڻ آهي ته جون تائين پاڪستان تي وڏو اثر نه پوندو، پر معاشي ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت هر 10 ڊالر وڌي ٿي ته پاڪستان جي ڪرنٽ اڪائونٽ تي 1.5 کان 2 ارب ڊالر تائين اضافي بار اچي سگهي ٿو،هن چيو ته پاڪستان جي معيشت وڏي حد تائين وچ اوڀر تي دارومدار رکي ٿي، نار وارن ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جون ترسيلات زر گهٽجي سگهن ٿيون.ان کان علاوه پاڪستان جي آءِ ايم ايف پروگرام جو وڏو حصو چين، سعودي عرب ۽ يو اي اي کان قرضن جي توسيع تي ڀاڙي ٿو. جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪ ملڪ مدد گهٽ ڪري ڇڏي ته پاڪستان کي اربين ڊالرن جو خلا پورو ڪرڻو پوندو.هن چيو ته پاڪستان ۾ سرمائي جي نڪرڻ ۽ ذهين ماڻهن جي ملڪ ڇڏڻ جا رجحان به وڌي رهيا آهن، جنهن ڪري مستقبل ۾ معيشت لاءِ وڏا چئلينج پيدا ٿي سگهن ٿا