اسلام آباد (بيورو) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جي اگهن ۾ واڌ بابت خبرون رد ڪري ڇڏيون، جاري ڪيل پڌرائي موجب ايل پي جي جي قيمتن بابت ڪو به نئون نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو، ايل پي جي جا اگهه هر مهيني جي پهرين تاريخ کان لاڳو ٿيندا آهن، ايل پي جي اگهن ۾ واڌ بابتڪا به دعويٰ يا افواهه غلط آهي.پڌرائي موجب اوگرا واهپيدارن کي مقرر ڪيل قيمتن تي ايل پي جي خريد ڪرڻ ۽ ايل پي جي جي وڌيڪ قيمت وصول ڪرڻ جي صورت ۾ مقامي انتظاميا سان ترت رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.