مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اسرائيل ۽ آمريڪا جي ايران سان جنگ کي ڏسندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 55 روپين جي جيڪا ظالماڻي واڌ ڪئي تنهن کي تڏهن ئي ”جلد بازي“ قرار ڏنو ويو هو ته حڪومت غير ضروري طور تي قيمتون وڌائڻ ۾ تڪڙ ڪئي آهي. وري اهو به ڏٺو ويو ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ئي تيل جي اگهن ۾ گهڻي واڌ ڪئي. جڏهن ته حڪومت کي اهڙو فيصلو ڪرڻ ۾ ٿورو وقت وٺڻ گهرجي ها ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اهو به عذاب رهيو آهي ته هتي جيترو جلد قيمتون وڌايون وينديون آهن ته اوترو تڪڙ ۾ لاهيون ناهن وينديون.
رپورٽون آهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون ڏهه سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽجي ويون آهن. ٻيو ته ايران جو اهو چوڻ آهي ته آبنائي هرمز واري سامونڊي لنگهه مان رڳو آمريڪا ۽ اسرائيل جي جهازن جي اچ وڃ تي بندش آهي باقي ٻين ملڪن لاءِ تيل جي فراهمي جاري آهي اها ناهي بند ڪئي وئي. ٻيو ته ڪجهه ڏينهن اندر ئي ٻاهرين ملڪن مان پورٽ قاسم تي پيٽرول سان ڀريل چار جهاز پهچي ويا آهن. سعودي عرب مان به هڪ ٻئي سامونڊي لنگهه ذريعي پاڪستان کي تيل موڪليو پيو وڃي جنهن سان پاڪستان ۾ توانائي جي بحران جي خاتمي جا امڪان وڌي ويا آهن.
ان صورتحال تي پيٽروليم جي وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته عالمي سطح تي تيل جي اگهن ۾ لاٿ آئي آهي پر ان سان فوري طور تي ملڪ اندر تيل جي اگهن ۾ ڪا لاٿ نه ٿيندي بهرحال هفتي جي آخر تائين جيستائين معاملو واضح نٿو ٿئي تيستائين اگهن بابت ڪجهه نٿا چئي سگهون.
پاڻ به اهو ئي ٿا چئون ته جيڪڏهن پيٽروليم جي وڌايل اگهن ۾ لاٿ جو معاملو آيو آهي ته ان لاءِ وزير صاحب تڪڙ نٿو ڪري ۽ هفتي تائين صورتحال کي ڏسڻ جو ٿو چوي پر تيل جا اگهه وڌائڻ مهل ايئن نه سوچيو ويو ته عوام مٿان تڪڙ ۾ پيٽروليم جو بم نه اڇلجي. ڪجهه ڏينهن انتظار ڪجي. پر هاڻي جيڪڏهن حڪومت پيٽروليم جا اگهه گهٽائيندي به ته پبلڪ ٽرانسپورٽ وارن جيڪي ڏهه ڏهه روپيا في ماڻهوءَ کان واڌو ڀاڙو وٺڻ شروع ڪيا آهن سي نه لاهيندا ۽ نه ئي اهڙو حڪومتي نيٽ ورڪ ٺهيل آهي جو پبلڪ ٽرانسپورٽ تي ان جي نظر هجي ۽ عوام سان ٿيندڙ زيادتين کي روڪي سگهجي. مطلب ته عوام جي صورتحال گدري جهڙي آهي ته ” گدرو ڪري ڇريءَ تي يا ڇري ڪري گدري تي ڳالهه ساڳي آهي. سو پيٽروليم جا اگهه وڌندا ته مهانگائي جو طوفان هڪدم شروع ٿي ويندو پر جيڪڏهن پيٽروليم جا اگهه ڪرندا ته ان جو به عوام کي فائدو نه ٿيندو نه ئي مهانگائي جي طوفان ۾ گهٽتائي ايندي.
پاڪستان اندر صرف ۽ صرف مهانگائي وڌندي آهي، جيڪا وڌندي آهي سا وري گهٽ ناهي ٿيندي. ان صورتحال تي سوشل ميڊيا تي ته باهه ٻري پئي آهي پر معاشي ماهرن جو به اهو چوڻ درست آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل گهٽ ٿيو آهي ته ان جو فائدو عوام کي ملڻ گهرجي. جيئن ناڻي جي اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل اهو سوال اٿاريو آهي ته تيل جا اگهه گهٽ ٿيڻ باوجود جيڪڏهن عوام کي تيل مهانگو ملندو ته اهي پيسا آخر ڪنهن جي کيسن ۾ ويندا. معاشي تجزئي نگار ڊاڪٽر فرخ سليم چيو آهي ته وفاقي حڪومت هاڻي هر شهري کي في ليٽر 55 روپين جي حساب سان اضافي ورتل پيسا واپس ڪري. قيصر شريف جو تجزيو آهي ته پيٽروليم شيئن جون قيمتون ڏيڍ مهيني کان به گهٽ وقت ۾ في ليٽر 147 روپيا 93 پيسا وڌايا ويا آهن ۽ رڳو 35 ڏينهن ۾ چار ڀيرا قيمتون وڌايون ويون آهن. معنيٰ ته ان ٿوري وقت ۾ حڪومت اربين روپيا عوام کان وصول ڪري چڪي آهي جيڪو ظلم آهي.
اها به حقيقت آهي ته جڏهن به ملڪ ملڪ اندر پيٽروليم جا اگهه وڌندا آهن ته چيو ويندو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي وڌيل اگهن جي مجبوري ۾ حڪومت قيمت وڌائي آهي پر جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم جا اگهه گهٽ ٿيندا آهن ته پوءِ ان حساب سان هتي اگهه گهٽ ناهن ڪيا ويندا پوءِ وري آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي وغيره واريون مصلحتون بيان ڪيون وينديون آهن. مطلب ته تيل وڌائڻ جو معا ملو ايندو ته اڌ رات جو پريس ڪانفرنس ڪندي ان جو اعلان ڪيو ويندو پر جيڪڏهن پيٽروليم جي اگهن ۾ لاٿ جو وقت ايندو ته پوءِ”اگر مگر“ کان ڪم ورتو ويندو آهي جيئن هاڻي ورتو پيو وڃي.
جيتوڻيڪ اها حقيقت آهي ته آمريڪا ايران جي جنگ اڃان هلي رهي آهي، اها ختم نه ٿي آهي ايران جا ٻئي پاسي اسلامي ملڪن تي به حملا جاري آهن سو اهو ممڪن آهي ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم جا اگهه مستقل نه رهن ۽ اهي لاهه ۽ چاڙهه ۾ هجن تنهن تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي پر اها به ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته عام ماڻهن تي ڏکئي وقت ۾ گهٽ کان گهٽ بار وجهجي ڇو ته اهي اڳ ۾ ئي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن، رهندو انهن مٿان مهانگائي جو واڌو بار وجهي کين ان ڌٻڻ ۾ ئي ٻوڙڻ جي ڪوشش نه ڪجي ۽ جيئن ته حڪمران اهي جنگيون پاڻمرادو ڪن ٿا، عوام کان پڇي نٿا ڪن ته پوءِ ان جو نقصان به حڪمرانن کي پاڻ ڀوڳڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هن وقت جيڪا به حڪمران جماعت آهي تنهن چونڊن وقت عوام کي اهو نه ٻڌايو هو ته اهي حڪومت ۾ ايندي جنگيون ڪندا ۽ عوام کي تڪليفن ۾ وجهندا. نه ئي عوام ان جنگي منشور تي کين ووٽ ڏنو هو. ڊونلڊ ٽرمپ جو ته صدارتي چونڊ مهم ۾ اهو بيانيو مقبول ٿيو هو ته ” آمريڪا دنيا اندر هلندڙ جنگيون ختم ڪرائيندو ۽ نيون شروع نه ڪندو.“ پر جڏهن اقتدار ۾ آيو ته ايران سان جنگ شروع ڪري ڏنائين ۽ اها اڃان ختم ئي ناهي ٿي ته چئي ٿو ته اڳلو نشانو ڪيوبا هوندو.
ايئن پنهنجي ملڪ جون اقتداري جماعتون به عوام جي خوشحالي ۽ مهانگائي گهٽائڻ جو بيانيو ظاهر ڪنديون آهن پر عملي طور معيشت کي پنهنجي ناقص پاليسين سان بدکان بد تر پيون ڪنديون آهن جنهن ڪري مهانگائي به ترقي جي بلندين تي پهچي ويندي آهي پر جيڪڏهن حڪومت واقعي به عوام سان سچي آهي ۽ مجبوري مان پيٽروليم جا اگهه في ليٽر 55 روپيا ڪيا هيا ته سازگار حالتن ۾ اهي گهٽ ڪري به ڏيکاري.